ڀارت ڪشمير ۾ باهه سان پيو کيڏي، پنهنجي تباهي جو بٽڻ به پاڻ دٻائي رهيو آهي: صدر عارف علوي

مظفرآباد (اين اين آءِ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڀارت باهه سان کيڏي رهيو آهي پنهنجي مسلمان آبادي سان جيڪو رويو اختيار ڪيو هن پنهنجي تباهي جا بٽڻ دٻايا آهن پاڪستان 30-40 سالن ۾ گهڻو ڪجهه سکيو ۽ جن کڏن مان اسان مقابلو ڪري نڪتا آهيون ڀارت پاڻ کي انهن ۾ اڇلائي رهيو آهي ڪشمير جي عوام 1947 کان ڀارت جي عذاب ۽ قبضي ۾ آهي ڪشميرين جو حق خوداراديت کي ڀارت پاڻ تسليم ڪيو هو اسان کي قانوني، سفارتي سطح تي پنهنجي رفتار تيز ڪرڻ گهرجي جمعي تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي کي خطاب ڪندي صدر عارف علوي چيو ته اڄ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مجبور عوام سان ڪشمير سان ايڪتا ڏهاڙو ملهائي رهيو آهي هن چيو ته اسان هر سال هي ڏينهن ملهايون ٿا ۽ خراج تحسين پيش ڪيون ٿا نهن ماڻهن کي جيڪي ان ڏس ۾ لڳاتار قربانيون ڏيئي رهيا آهن هن چيو ته جڏهن هتي ايندو آهيان ته کوڙ ماڻهو اهڙا ملندا آهن جن جا ابا ڏاڏا هن جدوجهد ۾ شامل هئا جن مان 13 ماڻهو هن اسيمبلي ۾ موجود آهن جن جي والدين هن تاريخ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو صدر چيو ته سردار ابراهيم 24 آڪٽوبر 1947 تي ٺهراءُ پيش ڪيو ڀارت جي قبضي جو سلسلو اتان به شروع ٿئي ٿو هن چيو ته منهن کي عزيز آهي ته انهن سمورن ماڻهن ۾ پاڪستان جي سياستدانن مسلسل ٻڌي جو اظهار ڪيو آهي ۽ جيڪڏهن ڪائي ڪوتاهي ٿئي ٿي ته دني اجي پليٽ فارم تي ان جا اثر سٺا ناهن پوندا هن چيو ته منهنجي ذميواري آهي ته پنهنجي خيالن ۽ رٿابندي جي اعتبار سان هڪ ٻڌي ۽ اتحاد جي ڪيفيت هجي ۽ غيرقانوني طور تي قبضي جي جدوجهد کي ان جي تڪميل تائين پهچايون ڊاڪتر عارف علوي چيو ته مان چاهيان ٿو ته هتي ڏنل پيغام پري پري تائين وڄي ڇو ته پاڪستان جي رياست سان جيڪي ڳالهيون هتي ڪيون وينديون والاريل ڪشمير جي عوام جون انهن مان اميدون آهن هن چيو ته ڀارت باهه سان کيڏي رهيو آهي مان صرف ڄمون ۽ ڪشمير جي رياست جي ڳالهه نه پيو ڪيان ڀارت پنهنجي مسلمان آبادي سان جيڪو رويو اختيار ڪيو ان سان ان پنهنجي تباهي جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته خوشوند سنگهه 2004 ۾ هڪ ڪتاب لکيو جنهن ۾ هن چيو ته ڀارت کي تباهه ٿيڻ لاءِ پاڪستان جي ضرورت نه آهي هو پاڻ کي پنهنجي تباهي جي رستي تي آڻي رهيو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *