واعدو ٿو ڪريان نه سنڌ جو ورهاڱو ٿيندو نه ڪالاباغ ڊيم ٺهندو: عمران خان

لاڙڪاڻو/ڏوڪري/باقراڻي(نمائندن وٽان) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ايندڙ سال چونڊن جو سال آهي، سنڌ جي ماڻهن جي فيصلي ڪرڻ تائين ڪالا باغ ڊيم نه ٺهندو، واعدو ٿو ڪريان ته سنڌ جو ورهاڱو نه ٿيندو، اسان جي جدوجهد ظالم نظام خلاف آهي اهڙو نظام آڻينداسين جنهن ۾ وڏيرو ۽ هاري برابر هوندا، 30 نومبر لاءِ سنڌ جو عوام تيار ٿي وڃي، لاڙڪاڻي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته شاندار استقبال تي لاڙڪاڻي وارن جو شڪر گذار آهيان، ڌرڻو ان لاءِ هنيو ته 2013ع ۾ بدترين ڌانڌلي ٿي اسان هن ظالم نظام خلاف 30 نومبر تي گڏ ٿي رهيا آهيون، مان پنهنجي سنڌ جي ماڻهنوٽ آيو آهيان ۽ انهن سان واعدو ٿو ڪيان ته نه سنڌ جو ورهاڱو ٿيندو ۽ سنڌ جي عوام جي فيصلي ڪرڻ تائن نه ئي ڪالا باغ ڊيم ٺهندو، هن چيو ته مخالف چون ٿا ته تحريڪ انصاف جا گانا سٺا آهن ان لاءِ ماڻهو گڏ ٿي وڃن ٿا، ايئن ناهي پر ماڻهو ظالم نظام کان تنگ ٿي چڪا آهن ۽ ان کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ چاهين ٿا ان لاءِ عوام تحريڪ انصاف جو ساٿ ڏئي رهيو آهي عمران خان چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ منهنجي خلاف قرارداد پيش ڪئي وئي جنهن تي مون شڪريو ادا ڪيو ڇو ته جيڪڏهن منهنجي تعريف ڪئي وڃي ها ته ايئن لڳي ها ته آئون ڪو غلط ڪم ڪري رهيو آهيان، جڏهن ماڻهن کي انهن جا حق نه ملندا آهن ته هو غلام بڻجي ويندا آهن ڇا ماڻهن کي انصاف ملي ٿو؟ اسپتالن ۾ علاج ملي ٿو؟ آئون سنڌ اسيمبلي کان پڇڻ چاهيان ٿو ته حقن کان بغير شهري بڻجن ٿا يا غلام بڻجن ٿا؟ هتي پيپلز پارٽي 6 وارا وٺي چڪي آهي جيڪڏهن 6 وارن ۾ حالتون بهتر نه ٿيون آهن ته ڇا هينئر بهتر ٿي وينديون؟ زرداري خاندان جا سڀ ماڻهو سيٽن تي ويٺل آهن ڇا جمهوريت اجازت ڏئي ٿي ته پنهنجن ٻارن کي پنهنجي سيٽ تي ويهاريو؟ ڇا جمهوريت اجازت ڏئي ٿي ته عمران خان پنهنجي پٽ کي پنهنجي سيٽ تي ويهاري ڇڏي؟ هن چيو ته هڪ خوشحال معاشري لاءِ شفاف ادارن جي ضرورت آهي پر هتي پوليس سياسي مداخلت سبب ڪم نه ڪري رهي آهي، هتي ته ڌاڙيل به احتجاج ڪرڻ شروع ٿي ويا آهن ڇو ته پوليس انهن کان به پئسا وٺي رهي آهي جڏهن پوليس جو اهو حال ڪيو وڃي ته اها ڪيئن اوهان جي حفاظت ڪندي، آئون دعويٰ ٿو ڪيان ته خيبرپختونخواهه ۾ هڪ ڪوڙي ايف آءِ آر ڪٽرائي ڏيکاريو، تحريڪ انصاف سنڌ ۾ اهڙو نظام آڻيندي جيڪو سڀني جو حفاظت ڪندو اسان بلدياتي نظام آڻي اسڪولن کي ٺيڪ ڪنداسين جيڪي ٻار تعليم حاصل نه پيا ڪن انهن کي اسڪول موڪلينداسين، تحريڪ انصاف جي چيئرمين چيو ته شوڪت خانم اسپتال ۾ ميرٽ هجڻ تي فخر محسوس ڪريان ٿو ان جو چيئرمين آهيان پر ڪنهن جي سفارش نٿو ڪري سگهان ۽ شوڪت خانم جي ڪاميابي جو راز به اهو ئي آهي، هر هر وارا وٺندڙ پاڪستان ۾ بلدياتي چونڊون ڇو نه ڪرايون؟ اين ايف سي ايوارڊ ۾ 500 ارب سنڌ کي مليا پر سنڌي عوام کي ڇا مليو؟ هن چيو ته ملڪ ۾ ٿيندڙ سياسي هينئر تائين ملڪ کي ورهايو ئي آهي جڏهن ته هي نظام ان وقت تائين درست نٿو ٿي سگهي جيستائين ميرٽ نه آندي وڃي، عمران خان چيو ته سنڌي عوام نٿو ڄاڻي ته هو ڪاري سون تي ويٺل آهي 80 لک ٽن ڪوئلي جو ذخيرو موجود آهي پر ان کي ڪڍڻ وارو ڪوبه ناهي، هي ڪوئلو ڪڍيو وڃي ته پاڪستان سان گڏوگڏ سنڌ به خوشحال ٿي وڃي تحريڪ انصاف پنهنجي حڪومتي دور ۾ پوليس ۽ عدليه سميت سمورن ادارن جي نظام کي ٺيڪ ڪندي ۽ اختيار ڳوٺن تائين منتقل ڪندي، هن سنڌ جي عوام سان واعدو ڪيو ته هو ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائيندو ۽ سنڌ کي ڪنهن به صورت ۾ ورهائڻ نه ڏيندو سنڌ اندر اهڙو نظام آڻينداسين جو ڪمزور کان ڪمزور ماڻهو وڏيرن سان قانون ذريعي مقابلو ڪري سگهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *