صدر ممنون حسين پاڪ بحريه جي سربراهه ذڪاءُ الله کي نشان امتياز ملٽري سان نوازي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) صدر ممنون حسين پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل محمد ذڪاءُ الله کي نشان امتياز ملٽري سان نوازيو آهي. کيس اهو اعزاز سندس اعليٰ خدمتن، غيرمعمولي ۽ واکاڻ جوڳي ڪارڪردگي ۽ فرض شناسي تي ڏنو ويو آهي. ان حوالي سان منعقد خصوصي تقريب ۾ وزيرن، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، چيف آف ايئر اسٽاف، هٿياربند فوج جي آفيسرن ۽ اعليٰ عملدارن به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ٻڌايو ويو ته چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل محمد ذڪاءُ الله 40 سال کان وڌيڪ عرصو اعليٰ خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو آهي، هن پنهنجي ڪيريئر جي دوران ڪيتريون ئي نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون ۽ ڪمانڊ ۽ اسٽاف جي طور تي اهم فرض سرانجام ڏنا، کيس خدمتن جي اعتراف ۾ تمغه امتياز ملٽري، ستاره امتياز ملٽري ۽ هلال امتياز ملٽري سان به نوازيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *