هڪ هزار ارب رپين جي عمران خان جي چوري پڪڙي وئي ، ميگا ڪرپشن تي انڪوائري ڪئي وڃي، بلاول زرداري جو مطالبو

ڪراچي (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هڪ هزار ارب رپين جي عمران خان جي چوري پڪڙي وئي آهي ميگا ڪرپشن تي انڪوائري ڪئي وڃي قومي ناڻي تي ڌاڙو هڻندڙ عمران خان ۽ سندن ساٿين کي ملڪ مان ڀڄڻ نه ڏنو ويندو پي ٽي آءِ جي بجيٽ عوام نه پر سياسي آهي، پيپلزپارٽي سليڪٽڊ حڪومت جي سليڪٽڊ بجيٽ کي مڃڻ کان انڪار ڪري ٿي، بلاول هائوس ميڊيا سيل مان جاري بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران ان جي حڪومت رڳو وياج جي شرح ۾ ڦيرڦار ڪري قومي ناڻي کي هڪ هزار ارب رپين تائين نقصان ڏنو آهي، عمران خان مخصوص سرمائيدارن جا 2 ارب ڊالر ٻاهرين ملڪ مان گهرايا ۽ وياج جي شرح 13.25 سيڪڙو مقرر ڪري پنهنجن دوستن کي فائدو ڏئي پئسا واپس ڪري ڇڏيا عمران خان ٻڌائي ته هي ٻه ارب ڊالر ڪهڙن سرمائيدارن دوستن جا هو جن کي فائدو ڏيڻ لا3 قومي ناڻي کي 300 ارب رپين جو نقصان پهچايو ويو بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آءِ ايم ايف وياج جي شرح 12 سيڪڙو تائين رکڻ جو چيو هو ۽ عمران خان جي حڪومت ان کي 13.25 سيڪڙو وڌائي چند سرمائيدارن کي فائدو پهچايو. پاڪستان انويسٽمينٽ بونڊز جي وياج جي شرح اوچتو تبديل ڪري عمران خان جي حڪومت ڪجهه مخصوص سرمائيدارن کي 700 ارب رپين جو فائدو ڌنو. هن چيو ته پاڪستان انويسٽمينٽ بونڊ جا 700 ارب رپيا ۽ 2 ارب ڊالر تي 300 ارب رپيا ۽ گڏيل طور تي هڪ هزار ارب رپين جي عمران خان جي چوري پڪڙي وئي آهي، پي ٽي آءِ حڪومت جي هن ميگا ڪرپشن تي پارليماني انڪوائري ڪئي وڃي قومي ناڻي تي ڌاڙو هڻندر عمران خان ۽ ان ي ساٿين کي ملڪ مان ڀڄڻ نه ڏنو ويندو پاڪستان پيپلزپارٽي ان ميگا ڪرپشن اسڪينڊل جي هڪ هڪ رپئي جو عمران خان کان حساب وٺندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *