ڪورونا سبب ملڪ ۾ وڌيڪ 76 فوتگيون، 1303 نوان ڪيس

اسلام آباد (اين اين آءِ) ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 76 ماڻهو پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا 1303 ڪيس رپورٽ ٿيا ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جي انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 1303 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، وڌيڪ 76 ماڻهو فوت ٿي ويا. وڌيڪ هڪ هزار 978 مريض صحتياب ۽ هاڪاري ڪيس اچڻ جي شرح 3.1 سيڪڙو رهي، سماجي وٿي، ماسڪ کي نظرانداز ڪرڻ ۽ ايس او پيز جي ڀڃڪڙين سان پاڪستان ۾ڪرونا وائرس جي ڪيسن ۾ گذريل ڏينهن جي ڀيٽ ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي ويئي آهي ڪرونا وائرس جي جاري ٽين لهر دوران پاڪستان ڪرونا مريضن جي تعداد جي حوالي سان تيار ڪيل لسٽ ۾ 29 نمبر تي آهي ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي فوتگين جو ڪل انگ 21 هزار 529 ٿي ويوآهي جڏهن ته ڪل ڪرونا مريضن جو انگ 9 لک 37 هزار 434 ٿي چڪو آهي، اسپتالن، قرنطينه سينٽرز ۽ گهرن ۾ ڪرونا وائرس جا ڪل 44 هزار 236 مريض علاج هيٺ آهن جن مان 2 هزار 967 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جڏهن ته ڪل 8 لک 71 هزار 669 مريض هن وقت تائين هن بيماري مان صحتياب ٿي چڪا آهن 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس جون وڌيڪ 41 هزار 824 ٽيسٽون ڪيون ويون جڏهن ته هن وقت تائين ڪل هڪ ڪروڙ 37 لک 54 هزار 909 ڪرونا ٽيسٽون ٿي چڪيون آهن پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2 لک 52 هزار 964 ماڻهن کي ڪرونا وائرس جي ويڪسين ڏني وئي هن وقت تائين ڪل 95 لک 59 هزار 910 ڪرونا ويڪسين جون خوراڪون ڏنيون ويون آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *