هن وقت تائين 1000 دهشتگردن کي انهن جي آخري انجام تي پهچايو ويو آهي: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي (م.ڊ) پاڪ فوج جي ترجisprمان ميجر جنرل عاصم سليم باجوه سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته دته خيل ۾ وڏي انگ ۾ لڪيل دهشتگردن کي ڪاميابي سان نشانو بڻائي رهيا آهيون، دهشتگردن خلاف هوائي فوج ۽ آرمي جون هوائي ڪارروايون ڀرپور نموني سان جاري آهن. ڊي جي آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته تمام جلد ملڪ دشمن دهشتگردن تي ڪنٽرول حاصل ڪري وٺنداسين. واضح رهي ته اتروزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف جاري آپريشن کي ٽن مهينن کان وڌيڪ جو عرصو گذري چڪو آهي، ڪراچي ۾ ۱۱ جون تي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي حملي کانپوءِ پاڪ فوج 15 جون تي اتروزيرستان ۾ “ضرب عضب” نالي سان وڏو آپريشن شروع ڪيو جيڪو ڪاميابي سان جاري آهي، هن وقت تائين جي ڪارروائين ۾ 1000 کان وڌيڪ دهشتگردن کي انهن جي آخري انجام تي پهچايو ويو آهي جڏهن ته دهشتگردن جي ڪيترن ئي هٿيارن جي ڊپو ۽ ٺڪاڻن کي به تباهه ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *