پارليامينٽ جي اتحاد غير جمهوري قوتن جي سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) پارليامينٽ جي islamabad-national-assemblyگڏيل اجلاس ۾ جماعت اسلامي ۽ اي اين پي سميت پي ٽي آءِ جي باغي قومي اسيمبلي ميمبر گلزار خان چيو آهي ته پارليامينٽ جي اتحاد غير جمهوري قوتن جي سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، چند هزار ماڻهو پارليامينٽ ٻاهران وزير اعظم جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهيا آهن، ايئن نه ٿئي ته سڀاڻي چند هزار ماڻهو ڪنهن ٻئي اداري جي سربراهه جي استعيفيٰ گهرن، شاهراهه دستور تي ڌرڻا هڻڻ تي پابندي لڳائي وڃي، ٻٽي شهريت رکندڙن تي به سياست ۾ شرڪت تي پابندي هئڻ گهرجي، ڌرڻي وارن پارليامينٽ جي عزت نيلام ڪري ڇڏي، ڌرڻي وارا پاڻ ڌانڌلي جي پيداوار آهن، پارلياماني ڪميٽي بڻائي عمران وٽ موڪلي وڃي، جيڪ کيس ڌرڻو ختم ڪرڻ تي راضي ڪري، جمهوريت جي مضبوطي لاءِ مقاني چونڊون ڪرايون وڃن، وزيرن جي سخت بيانن سان مذاڪرات ڊيڊ لاڪ جو شڪار ٿيا، عمران خان مڃي وٺي پارليامان تي چڙهائي سان ڌرڻو ڪامياب نٿو ٿي سگهي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ جماعت اسلامي جي شير اڪبر، اي اين پي جي شاهي سيد، آزاد سينيٽر محسن لغاري ۽ پي ٽي آءِ جي باغي ميمبر گلزار خان ملڪي سياسي صورتحال تي بحث ۾ حصو ورتو. شير اڪبر خان چيو ته آزادي مارچ ۽ انقلاب مارچ جي نالي تي ملڪ ۾ هٿرادو بحران مڙهيو ويو آهي، پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ تي حملو ڪيو ويو، حڪومت ڌرڻا ختم ڪرائي، 2014ع جون حالتون ۷۷ ۽ ۹۹ کان مختلف آهن اڄ سموريون پارٽيون گڏ آهن، قوم کي پارليامينٽ مان وڏيون اميدون لڳل آهن، قوم غربت، بيروزگاري، ڪرپشن ۽ دهشتگردي جو خاتمو چاهي ٿي، ڌرڻن ملڪي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، موجوده حڪومت کي پنهنجو آئيني مدو پورو ڪرڻ گهرجي، ڌانڌلي جون شڪايتون سڀني کي آهن پر سڀني چونڊن بعد نتيجا تسليم ڪيا، ميڊيا به قوم تي رحم ڪندي ملڪ کي وڌيڪ بحرانن ۾ مبتلا ٿيڻ کان بچائي. اي اين پي جي سينيٽر شاهي سيد چيو ته اسان نواز شريف جي حڪومت نه نظام بچائڻ چاهيون ٿا، نواز شريف (ن) ليگ جو نه 18 ڪروڙ عوام جو وزيراعظم آهي، پاڪستان جا تمام ادارا آئين تحت ان جي تابع آهن، وزيراعظم به تمام ادارن جي وقار کي بچائڻ جو ذميدار آهي، هن چيو ته پارليامينٽ ٻاهران ڌرڻو بغاوت آهي، گهرو وزير سينيٽ سان جيڪو رويو ڏيڍ سال کان رکيو اهو به مذمت جوڳو آهي، جيڪڏهن ماڊل ٽائون جو مسئلو نه ٿئي ته شايد ڌرڻو به نه ٿئي ها. هن چيو ته عمران خان نيازي کي شهيد ٿيڻ کان بچايو وڃي ڇو ته هو جمهوريت تي يقين رکي ٿو، سمورين پارلياماني پارٽين جي ڪميٽي بڻائي وٽس موڪلي وڃي جيڪا کيس ڌرڻو ختم ڪرڻ تي راضي ڪري، ڪراچي آپريشن، ترقياتي منصوبا ۽ ريلوي جي بهتري حڪومت جا چڱا ڪارناما آهن، چوڌري نثار جي واتان درگزر ڪرڻ جو لفظ ڪڍڻ به قابل واکاڻ آهي، سياستدان وي آءِ پي ڪلچر ختم ڪن، ملڪن کي ايٽم بم نه آئين ۽ قانون جي عملداري بچائي ٿي، شيري مزاري جو قادري خلاف ڪالم ۽ جاويد هاشمي جي سچائي ڌرڻي جو غير ملڪي ايجنڊو وائکو ڪري ڇڏيو آهي، ڌانڌلي جون دانهون ڪندڙ پاڻ ڌانڌلي جي پيداوار آهن، ڏهاڙي وارن کي آڻي ڌانڌلي جو لڙ ڪيو پيو وڃي، ڌانڌلي ته اي اين پي خلاف ٿي جيڪا لاش کڻي کڻي ٿڪجي پئي ۽ جيڪا چونڊ مهم ئي نه هلائي سگهي. سينيٽر محسن لغاري چيو ته شاهي سيد جي جذباتي تقرير ايوان ۾ ماحول پيدا ڪري ڇڏيو آهي ان جي ڳالهين جي تائيد ڪرڻ بغير نٿو رهي سگهجي. هن چيو ته جمهوريت جي مضبوطي لاءِ مڪاني نظام جي بحالي ضروري آهي، ڌرڻي سبب گهر گهر جمهوريت ڊليور ڪرڻ تي سوال اٿاريو پيو وڃي، پارليامينٽ ميمبرن کي جواب ڏيڻ جو اجلاس پيدا ڪرڻو پوندو، جواب ڏيڻ جو احساس جمهوريت جو حسن آهي پر حڪومتون چونڊجي پاڻ کي جواب ڏيڻ کان آجو سمجهن ٿيون ۽ تڪبر جو شڪار ٿي وڃن ٿيون. روين کي جمهوري بڻائڻ جي ضرورت آهي، تنقيد برداشت ڪرڻ جي طاقت اصل جمهوريت آهي، وزير سڳورن جي زبان نرم نه هئي سندن روين ۾ شائستگي يا برداشت نظر ناهي آئي، ان ڪري ڳالهين ۾ ڊيڊ لاڪ پيدا ٿيو آهي، دنيا ۾ ڪٿي مڪاني نظام بغير جمهوريت جو تصور ناهي. ٻنهي وڏين پارٽين ميثاق جمهوريت ۾ ٽن مهينن اندر مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو واعدو ڪيو هو. پي ٽي آءِ جي باغي قومي اسيمبلي ميمبر گلزار خان چيو ته  پارليامينٽ ۾ وزير اعظم يا حڪومت کي بچائڻ لاءِ نه پر پنهنجي تحفظ ۽ آئين جي سربلندي لاءِ گڏ ٿيا آهيون، پارليامينٽ جي اتحاد غير جمهوري قوتن کي سياسي طور اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي پر پوءِ اسان کي جمهوري قدرن کي اختيار ڪرڻو پوندو ۽ سڀني کي موقعا ڏيڻا پوندا. هن چيو ته اتروزيرستان جي متاثرن ۽ ٻوڏ سٽيلن جي امداد ڪرڻي پوندي ۽ سندن مسئلن جي حل لاءِ ڌيان ڏيڻو پوندو. هن چيو ته حڪومت ۽ انتظاميه ڌرڻن سان منهن ڏيڻ لاءِ سٺي حڪمت عملي اختيار ناهي ڪئي، انتظامي قدمن سان منهن ڏئي سگهجي پيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *