هما قريشي جي فلم پارٽيشن ۱۹۴۷ تي پاڪستان ۾ پابندي لاڳو

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪارا هما قريشي جي تازو رليز فلن پارٽيشن ۱۹۴۷ تي پاڪستان ۾ ڏيکارڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. اهڙو اظهار فلم جي ڊائريڪٽر گريندر چڍا سوشل ميڊيا تي پنهنجي هڪ پيغام وسيلي ڪيو. هن ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ لکيو ته ” اها بدقسمتي آهي جو پاڪستان ۾ فلم تي پابندي مڙهي وئي آهي، پاڪستان منهنجن ابن ڏاڏن جي ڌرتي آهي.“ واضح رهي ته پارٽيشن ۱۹۴۷ هدايتڪاره گريندر چڍا جي ”وائسرائز هائوس“ جو هندي ورزن آهي جيڪا گذريل جمعي تي ڀارت ۾ رليز ڪئي وئي آهي. فلم جي ڪهاڻي ڀارت لاءِ برطانيا جي آخري وائسراءِ لارڊ مائونٽ بيٽن جي زندگي جي چوڦير ڦري ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *