ڪولنگ ووڊ پاڪستان اچڻ تي راضي، ورلڊ اليون ضرور کيڏندس: رانديگر

انگلينڊ(اسپورٽس نيوز)انگلش ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان پال ڪولنگ ووڊ پاڪستان جي دوري تي ورلڊ اليون جو حصو بڻجڻ تي راضي ٿي ويو، برطانوي ميڊيا جي رپورٽ موجب ورلڊ ٽي ۲۰ جي فاتح انگلش ٽيم جي قيادت ڪرڻ جي لاءِ آل رائونڊر ورلڊ الين جي لاءِ پنهنجي دستيابي ظاهر ڪري ڇڏي ۽ هو اينڊي فلاور جي ڪوچنگ ۾ لاهور ايندڙ ٽيم سان گڏ ۱۲، ۱۳ ۽ ۱۵ سيپٽمبر تي ٽوئنٽي ميچز کيڏندو، ورلڊ اليون جي هر ميمبر کي ۷۵ هزار پائونڊ ادا ڪيا ويندا، جنهن کي بين الاقوامي سيريز جو درجو ڏنو ويو آهي، ورلڊ اليون ۾ شموليت جي صورت ۾ ڪولنگ ووڊ جي ڪائونٽي چيمپئين شپ ۾ ڊرهم جي نمائندگي نه ڪري سگهندو، ان کان اڳ پاڪستان جي دورو ڪرڻ وارو عالمي ٽيم جي لاءِ آفريقا جي هاشم آمله ۽ عمران طاهر جو نالو سامهون آيو هو.(

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *