هرڀجن سنگهه ڪرڪيٽ جي دنيا کي الوداع چئي ڇڏيو

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽر هرڀجن سنگهه ڪرڪيٽ جي دنيا کي الوداع چئي ڇڏيو.آف اسپنر هرڀجن سنگهه پنهنجي 23 ورهين جي ڪيريئر جي پڄاڻيءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو، هن ڪرڪيٽ جي سڀني فارميٽن ۾ پنهنجون صلاحيتون مڃرائڻ کانپوءِ ٽنهي فارميٽن تان رٽائرمينٽ وٺي ڇڏي آهي.ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ هرڀجن سنگهه چيو ته سڀني سٺين شين جي پڄاڻي ٿيندي آهي، اڄ مان به ان ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري رهيو آهيان، جنهن 23 ورهين جي ڪيريئر ۾ مون کي هر شئي سان نوازيو، توهان سڀني جي مهرباني.واضح رهي ته هرڀجن سنگهه 1998 ۾ 17 ورهين جي عمر ۾ آسٽريليا خلاف ميچ سان عالمي ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي.هن 103 ٽيسٽ ۾ 417، 236 ون ڊي ميچن ۾ 269 ۽ 28 ٽي ٽوئنٽي ميچن م 25 وڪيٽون ورتيون.ياد رهي ته هرڀجن سنگهه پنهنجي آخري انٽرنيشنل ميچ 2016 ۾ کيڏي هئي، پوءِ هو آءِ پي ايل ۾ ته ايڪشن ۾ نظر آيو پر ڀارتي ٽيم ۾ جاءِ نه ٺاهي سگهيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *