صبور علي جي مڱيندي سان جهمر، ويڊيو ٺاهيندڙن تي ڪاوڙجي پئي

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا صبور علي پنهنجي مڱيندي علي انصاري سان گڏ جهمر هڻڻ جي ويڊيو بنا اجازت ٺاهڻ تي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.ڪجهه ڏينهن اڳ علي انصاري جي ڀيڻ اداڪارا مريم انصاري جي شادي جون تقريبون ٿيون، جنهن جون ويڊيوز سوشل ميڊيا جي زينت بڻيون.انهن ئي ويڊيوز مان هڪ صبور ۽ علي جي رقص ڪرڻ جي سامهون آئي، جنهن تي صبور پنهنجي مڱيندي سان ڪجهه ڪاوڙيل نظر اچي رهي آهي.ويڊيو وائرل ٿيڻ تي واهپيدارن مختلف تبصرا ڪيا، جنهن تي صبور علي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.اداڪارا انسٽاگرام تي اسٽوري پوسٽ ڪندي لکيو ته هتي اسان جي سنجيده ڳالهه ٻولهه ان موضوع تي ٿي رهي هئي ته ڪيئن اسان بنا اجازت ماڻهن طرفان ويڊيو ٺاهڻ تي پريشان ٿياسين.هن چيو ته پوءِ به اسان تقريب کي ڏاڍو انجواءِ ڪيو، توهان سڀني جي فڪرمندي ۽ محبت جا ٿورا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *