سرفراز احمد کي ڪپتان ۽ بابر اعظم کي نائب ڪپتان مقرر ڪيو وڃي: عبدالقادر

 

لاهور(اسپورٽس نيوز)  پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ليگ اسپنر عبدالقادر پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) تي سرفراز احمد کي ئي ڪپتان مقرر رکڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته بابر اعظم کي نائب ڪپتان بنايو وڃي.هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته سرفراز احمد ميچ کٽڻ جي ذهنيت جي حوالي سان ميدان ۾ لهندو آهي ۽ ڪيترائي دفعا پاڪستان کي سوڀ به ڏياري آهي. هن چيو ته سرفراز ٻن يا ٽن سالن کان پوءِ رٽائرمينٽ جو فيصلو ڪري سگهي ٿو تيستائين بابر اعظم ڪپتاني جي لاءِ  تيار ٿي وڃي.اڳوڻي ليگ اسپنر چيو ته بابر اڃان به ڪپتاني جي لاءِ تيار ناهي. پر کيس سرفراز جو نائب بنائي ان عهدي جي لاءِ تيار ڪري سگهجي ٿو. عبدالقادر محسن حسن خان کي ٽيم جو بيٽنگ ڪوچ بنائڻ جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته محسن حسن خان ڪوچ هجڻ دوران بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو هو ۽ اسان انگلينڊ کي ان ئي دور ۾ 0-3 تان شڪست ڏني هئي.هن وڌيڪ چيو ته قومي ٽيم کي بيٽنگ، بالنگ ۽ فيلڊنگ ڪوچ جي ضرورت آهي جڏهن ته انهن جي هجڻ کان پوءِ هيڊ ڪوچ جي ضرورت ختم ٿي ويندي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *