ٽرمپ سٺو انسان لڳو، عافيه صديقي جي بدلي شڪيل آفريدي جي آزادي ٿي سگهي ٿي: عمران خان

واشنگٽن (اين اين آءِ) وزيراعطم عمران خان چيو آهي ته ڀارت سان تڪرار حل ڪرڻ لاءِ ايٽمي جنگ ڪوئي آپشن نه آهي ڀارت ايٽمي هٿيارن تان هٿ کڻي وڃي ته پاڪستان به ايئن ڪندو آمريڪا ۽ ايران ڇڪتاڻ سان پاڪستان تي خراب اثر پوندا ۽ خطي جو امن ۽ معيشت متاثر ٿيڻ جو خطرو آهي، خطي ۾ امن جا خواهشمند آهيون آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ مصلحت لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ تڪرارن جو اصل سبب ڪشمير جو مسئلو آهي آمريڪا واحد ملڪ آهي جيڪو پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. پاڪستاني فوج هر قسم جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي آمريڪا شڪيل آفريدي جي ڳالهه ڪري ٿو ته امريڪا سان ڊاڪٽر شڪيل آفريدي ۽ ڊاڪٽر عافيه صديقي جي ڏي وٺ تي ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي پاڪستان ۾ ڪوششن سان افغان طالبان سان امن معاهدي تي اڳڀرائي ٿي طالبان کي حڪومت جو حصو بڻجي عوام جي نمائندگي ملڻ گهرجي آمريڪي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان نٿو چاهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي آمريڪا ۽ ايران ڇڪتاڻ سان پاڪستان تي خراب اثر پوندا ۽ خطي جو امن ۽ معيشت متاثر ٿيڻ جو خطرو آهي. هن چيو ته 72 سالن کان حل طلب ڪشمير جي مسئلي کي حل ڪرڻ کان سواءِ خطي ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي ڪشمير جو مسئلو حل ٿي وڃي ته پاڪستان ۽ ڀارت مهذب پاڙيسري وانگر رهي سگهن ٿا عمران خان چيو ته تڪرار حل ڪرڻ لاءِ ايٽمي جنگ ڪوئي آپشن نه آهي هن چيو ته پاڪستان ۾ ڊاڪٽر شڪيل آفريدي کي آمريڪي جاسوس طور ڏٺو وڃي ٿو جڏهن اينڪر پاران سوال ڪيو ته ڇا اوهان اڪيلي سر فيصلو نٿا وٺي سگهو جنهن تي عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت آهي، هتي اپوزيشن موجود آهي وزيراعظم لاءِ اڪيلو سر فيصلو وٺڻ ڏکيو هوندو آهي هن چيو ته آمريڪا سان قيدين جي مٽاسٽا جي سلسلي ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي خطي ۾ دهشتگردي جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته آمريڪا ۽ پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ويجها اتحادي رهيا آهن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ 70 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جون حياتيون ويون. القاعده جي باني قائد اسامه بن لادن جي موت تي ڳالهائيندي عمران خان چيو ته آمريڪا ۽ پاڪستان هڪٻئي جا اتحادي هئا آمريڪا کي اسامه بن لادن بابت پاڪستان کي ڄاڻ ڏيڻ گهرجي ها جنهن کان پوءِ پاڪستاني ادارن کي ان کي پڪڙڻ گهرجي ها جڏهن ته آمريڪا پاڪستان تي ڀروسو نه ڪيو ۽ اسان جي حدن اندر داخل ٿي هڪ شخص کي قتل ڪيو عمران خان چيو ته پاڪستان تي حملو ناهي ٿيو پر پوءِ به ان دهشتگردي جي خلاف آمريڪا جي جنگ ۾ حصو ورتو جنهن ۾ 70 هزار پاڪستاني مارجي ويا. وزيراعظم چيو ته اسان افغانستان ۾ امن چاهيون ٿا افغانستان جي امن ۽ استحڪام ۾ پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ دلچسپي آهي ڇو ته پاڙيسري ملڪ ۾ بدامني سان پاڪستان سنئون سڌو متاثر ٿئي ٿو هن چيو ته پاڪستان جي افغانستان سان 1500 ڪلوميٽر ڊگهي سرحد آهي صدر ڊونلڊ ٽرمپ افغانستان ۾ ڳالهين جي ذريعي امن آڻڻ جي ڪوششن تي زور ڀريو هن چيو ته پاڪستان جي ڪوششن سان افغان طالبان سان امن معاهدي تي اڳڀرائي ٿي طالبان سان تازيون امن ڳالهيون هن وقت تائين جون سڀ کان ڪامياب ڳالهيون رهيون آهن عمران خان چيو ته طالبان کي حڪومت جو حصو بڻجي عوام جي نمائندگي ملڻ گهرجي افغان طالبان افغانستان کان ٻاهر ڪارروايون نٿا ڪن وزيراعظم چيو ته آمريڪا چئن ڏهاڪن تائين افغانستان ۾ جنگ وڙهيو پر افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام قائم نه ٿي سگهيو گذريل 19 سالن دوران آمريڪا افغانستان ۾ امن لاءِ ڪردار ادا ڪيو آهي پر ان جون ڪوششون ڪامياب نه ٿي سگهيون آهن. وزيراعظم آمريڪي صدر ٽرمپ سان ملاقات جي حوالي سان چيو ته صدر ٽرمپ سچو ماڻهو لڳو جيڪو لفظن جي جادوگري نٿو ڄاڻي منهنجو سمورو وفد به ميٽنگ مان گهڻو خوش آهي هن ٻڌايو ته صدر ٽرمپ ڪشمير جي مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو هاڪاري ڪردار به ادا ڪرڻ چاهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *