ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ سياست جو جنازو ڪڍي ڇڏيو، عمران جي تبديلي صرف ڪوڙ آهي: بلاول ڀٽو زرداري

پشاور (ويب ڊيسڪ): پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اوهان کي پاڻ کي فيصلو ڪرڻو آهي، ڪهڙي پارٽي پختونن کي سڃاڻپ ڏني، جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي حڪومت خيبر پختونخواهه جو نالو رکيو، ڪوڙ، گار گند ڪندڙن، نااهل سياستدانن کي شڪست ڏيڻي آهي، اين ايف سي ايوارڊ به قوم لاءِ پيپلز پارتي جو تحفو آهي، 18هين ترميم سان صوبن کي انهن جو جائز حق ڏنو ويو، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ن ليگ، پي ٽي آءِ جي حڪومتن ملڪ ۽ صوبي کي ڪهڙي هنڌ پهچائي ڇڏيو، ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ سياست جو جنازو ڪڍي ڇڏيو آهي، خان صاحب هر قيمت تي هر قسم جو هٿڪنڊو استعمال ڪري اقتدار ۾ اچڻ چاهي ٿو، هر اهو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، جيڪو ان کي بني گالا کان وزيراعظم هائوس تائين پهچائي ڇڏي، هن چيو ته نااهل ترين وفاقي حڪومت عوام کي دوکي کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏنو، ميان صاحب عدالت مان نااهل ٿيڻ بعد ڪرسي سان چنبڙيل رهيو، ملڪ جو ڪوئي طبقو حڪومتي پاليسي مان خوش ناهي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ترقي هجي ها ته روزگار جا موقعا ملن ها، عوام جي معاشي حالت بهتر ٿيندي آهي، خاڪ ترقي ٿي آهي، سڀ پريشان ۽ روئي رهيا آهن، ن ليگ ۽ تحريڪ انصاف سياست ۽ اخلاقيات جو جنازو ڪڍي ڇڏيو آهي، ڇا خاڪ ترقي ٿي، هاري، آبادگار، پينشنرز ۽ ملازم سڀ پريشان آهن، عوام نه رڳو شريف خاندان خوشحال ٿي رهيو آهي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ ۾ ملز ۽ ڪارخانا بند ٿي رهيا آهن، خان صاحب جي تبديلي جي دعويٰ به ڪوڙي نڪتي، هي ماڻهو ملڪ ۾ انتشار ڦهلائڻ چاهين ٿا، جمهوريت انهن ليڊرن جي ڪري باقي آهي، جن قربانيون ڏنيون، هن چيو ته تبديلي جو دهل وڄائيندڙ ٻڌائين ته ڇا انهن ڪرپشن جو خاتمو ڪيو، ٻين تي ڪرپشن جو الزام لڳائي پاڻ کي فرشتو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، سرڪاري تعليمي ادارن جي نجڪاري جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، نجي اسڪولن مان ٻار کڻي سرڪاري اسڪولن ۾ آڻڻ جو ثبوت ڏنو وڃي، تعليم ۽ صحت جي شعبي ۾ تبديلي دعويٰ به ڪوڙي آهي، هن چيو ته ڪرپشن خلاف ڳالهيون ڪندڙ ميگا ڪرپشن ڪيسز جي جاچ ڇو نه ڪري رهيا آهن، خيبر بينڪ جو اسڪينڊل آيو، ڪيڏانهن ويو پي ٽي آءِ جو احتساب ڪميشن؟، استاد احتجاج ڪري رهيا آهن، عوام به احتجاج ڪري رهيو آهي، سنڌ ۾ بهترين اسپتالون بڻايون ويون، جتي غريبن جو مفت علاج ٿيندو آهي، خيبر پختونخواهه جي وسيلن کي پنجاب ۾ پنهنجي سياست لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، عمران خان اعتراف ڪيو وفاقي حڪومت ملي ها ته ان جو حال به ڪي پي جهڙو هجي ها، تبديلي جا نعرا لڳائيندي لڳائيندي پي ٽي آءِ پاڻ تبديل ٿي وئي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 26 آڪٽوبر جو ڏينهن سوچي فيصلو ڪرڻ جو ڏينهن آهي، اسان دهشتگردن ۽ دهشتگردي خلاف ڳالهائيندا آهيون، 26 آڪٽوبر تي عوام ڪوڙ ۽ دوکي جي سياست ڪندڙن کي رد ڪري ڇڏي، پيپلز پارٽي غريبن، مزدورن، واپارين ۽ شاگردن جي ڳالهه ڪندي آهي، تڪ اين اي 4 جا مسئلا اسان جا مسئلا آهن، انهن کي حل ڪنداسين، اقتدار ۾ اچي حقدارن کي انهن جو جائز حق ڏينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *