آمريڪا کي ”نو ڊو مور“ جو پيغام ڏيڻ جي حڪمت عملي…!

پاڪستان آمريڪي پرڏيهي وزير ريڪس ٽلرسن جي دوري دوران ”نو ڊو مور“ جو پيغام ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، آمريڪي پرڏيهي وزير ريڪس ٽلرسن جي پاڪستان جي دوري بابت حڪومت پنهنجي حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي، جنهن موجب پاڪستان آمريڪي عملدارن کي واضح پيغام ڏيندو ته آمريڪا ۽ افغانستان انهن دهشتگرد تنظيمن جي خلاف اثرائتيون ڪارروايون ڪري، جيڪي افغان سرزمين تي ويهي پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪرائڻ ۾ ملوث آهن. پاڪستان آمريڪا سان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ وڌيڪ تعاون ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي حڪمت عملي جوڙي ورتي آهي، جنهن موجب پاڪستان آمريڪا سان گڏ ”گڏيل انٽيليجنس شيئرنگ“ جي نظام کي اثرائتو بڻائڻ جي حوالي سان پنهنجي قومي سلامتي جي پاليسي کي اڳيان رکندي سهڪار ڪندو. پاڪستان جي حدن ۾ رڳو پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي ادارا ئي ڪارروايون ڪندا ۽ آمريڪا سان گڏ ڪوبه گڏيل آپريشن نه ڪيو ويندو ۽ نه ئي آمريڪا يا افغانستان سميت ڪنهن به ٻئي ملڪ کي پاڪستان حدن ۾ ڪنهن آپريشن جي اجازت ڏني ويندي، ان حڪمت عملي جي حوالي سان وفاق جا عملدار آمريڪي پرڏيهي وزير ريڪس ٽلرسن جي هلندڙ مهيني پاڪستان جي دوري جي موقعي تي ملاقاتن ۾ آگاهه ڪندا. رپورٽون آهن ته وفاقي حڪومت آمريڪي پرڏيهي وزير جي دوري بابت پنهنجو هوم ورڪ مڪمل ڪري ورتو آهي، اعليٰ وفاقي سطح جي حلقن ۾ ٿيندڙ مشاورت ۾ پاڪ آمريڪا ناتن ۾ ايندڙ ڇڪتاڻ، افغانستان لاءِ نئين ٽرمپ پاليسي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ وڌيڪ سهڪار، افغان مفاهمتي عمل ۾ پاڪستان جو ڪردار، ڀارت جي افغانستان ۾ ڪردار تي پاڪستان جي خدشن، پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ سميت ٻين معاملن تي آمريڪي پرڏيهي وزير سان ٿيندڙ ڳالهين جي حوالي سان غور ڪيو ويو آهي.

پاڪستان آمريڪا سان گڏ مستقبل جي لاڳاپن جي حوالي سان پاليسي طئي ڪري ورتي آهي، ان پاليسي جي واضح ايجنڊا هڪ ئي آهي ”نو ڊو مور ۽ برابري جي سطح تي لاڳاپا“ ان ئي پاليسي تحت پاڪستان طرفان آمريڪا سان ڳالهين جي ايجنڊا کي اڳتي وڌايو ويندو، پاڪستان عملدار آمريڪي پرڏيهي وزير جي دوري جي موقعي تي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ وڌيڪ تعاون جي حوالي سان پنهنجي حڪمت عملي واضح ڪندا، پاڪستان آمريڪا سان رڳو انٽيليجنس شيئرنگ ۾ گڏيل سهڪار کي وڌائيندو، پاڪستان طرفان آمريڪا سان گڏيل طور تي ڪو فوجي آپريشن نه ڪندو. پاڪستان آمريڪي عملدارن کي خبردار ڪندو ته جيڪڏهن هن وٽ پاڪستان جي حدن ۾ ڪنهن دهشتگردي تنظيم جي حوالي سان ڪو اطلاع آهي ته ان بابت ٺوس معلومات فراهم ڪئي وڃي، پاڪستان ان جي بنياد تي پاڻمرادو ڪارروائي ڪندو. پاڪستان آمريڪي عملدارن تي اهو به واضح ڪندو ته آمريڪا ۽ افغانستان دهشتگرد تنظيمن جي خلاف به اثرائتين ڪارروائين کي وڌيڪ تيز ڪري جيڪي افغان سرزمين تي ويهي ڪري پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪرائڻ ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح ملوث آهن. جيڪڏهن آمريڪي عملدار پنهنجو ماضي جو اهو مطالبو ورجايو ته پاڪستان پنهنجي سرزمين تي دهشتگردن جي پناهگاهن يا نيٽ ورڪ کي ختم ڪري ته پوءِ پاڪستان جو واضح جواب هوندو ته پاڪستان جي سرزمين تي دهشتگردن جا ڪا پناهگاهه يا نيٽ ورڪ ناهي. وفاق ٽرمپ عملدارن تي واضح ڪندو ته ان معاملي تي مطالبو نه ڪيو وڃي، بلڪه ٺوس معلومات يا انهن هنڌن جي نشاندهي ڪرڻ جو چيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *