ن ليگ جي حڪومت پنهنجي منشور موجب بجلي بحران جي خاتمي تي ڪم ڪري رهي آهي: خواجه آصف

اسلام آباد(بيورو) وفاقي حڪومت، بجلي بچائڻ لاءِ مارڪيٽس دير تائين کـــــُليل رکڻ بدران جلدي بند ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي، خواجه آصف چيو آهي ته توانائي بحران ايندڙ 2 کان ٽن سالن اندر بند ٿي ويندو، مارڪيٽس رات جو اٺين وڳي تائين بند ٿي وڃن ته 1600 ميگاواٽ بجلي جي بچت ٿي سگهي ٿي. واپڊا هائوس لاهور ۾ تقريب کي خطاب  ڪندي پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو ته حڪومت توانائي بحران جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته ماضي ۾ توانائي بحران جي خاتمي لاءِ ڪي به جوڳا قدم نه کنيا ويا، پر ن ليگ جي حڪومت پنهنجي منشور موجب بجلي بحران جي خاتمي تي ڪم ڪري رهي آهي. خواجه آصف چيو ته ڀاشا ڊيم جي تعمير لاءِ ٻيڻي قيمت تي بجلي خريد ڪئي پئي وڃي، ڊيمن مان بجلي جي پيداوار سان ايندڙ نسلن کي فائدو ٿيندو. پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير چيو ته مارڪيٽس رات جو 8 وڳي تائين بند ڪرڻ بدران هڪ وڳي تائين کـُليل رهن ٿيون، جنهن سبب بجلي ضايع ٿي رهي آهي. خواجه آصف چيو ته جيڪڏهن مارڪيٽس 8 وڳي تائين بند رکيون وڃن ته هڪ اندازي موجب 16 سئو ميگاواٽ بجلي جي بچي ٿي سگهي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *