نيپرا بجلي جي قيمت ۾ في يونٽ هڪ روپيو 66 پئسن جي واڌ ڪري ڇڏي

اسلام آباد(م.ڊ)  نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي نيپرا بجلي جي قيمتن ۾ هڪ روپيو 66 پئسا في يونٽ اضافي  جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. نيپرا پاران جاري ڪيل  بيان موجب اضافو هڪ مهيني جي لاءِ آگسٽ جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪيو ويو آهي جنهن سان صارفين تي 22 ارب 60 ڪروڙ جو اضافو  پوندو. نيپرا جي آفيسر موجب گيس ۽ آر ايل اين جي نيپرا جي ريفرنس قيمت کان وڌيڪ آهن. هن چيو ته جيڪڏهن ڪوئلي مان بهتر صلاحيت وارا پلانٽس هلايا وڃن ته 3.4 ارب جي بچت ڪري سگهجي ٿي. سي پي پي اي موجب آگسٽ ۾ پاڻي مان 40.33 سيڪڙو ۽ ڪوئلي مان 13.34 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي. اهڙي طرح مقامي گيس مان 11.87 سيڪڙو ۽  درآمدي ايل اين جي مان 22.89  سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي. سي پي پي اي ٻڌايو ته فرنس آئل مان 3.60 سيڪڙو ۽ ايٽمي ذريعن مان 4.66 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *