وفاقي حڪومت زلزلي متاثرن کي ٿيل نقصان جي برابر معاوضو ادا ڪري:بلاول ڀٽو جو مطالبو

ميرپور (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سوال اٿاريندي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ڪشميرين لاءِ ڪهڙو غير معمولي ڪم ڪيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري ميرپور، آزاد ڪشمير ۾ زلزلي سبب متاثر علائقي جي دوري کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته وفاق جي ذميواري آهي ته عوام جو خيال رکي ۽ اسان سڀ ان لاءِ آواز اٿارينداسين، اسان متاثر سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ هتي آيا آهيون، سنڌ حڪومت رليز لاءِ ڪئمپس ۽ ٻيون ضروري شيون موڪليون آهن ۽ متاثر ماڻهن جي ٿراپي لاءِ سنڌ جون اسپتالون ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهن. هن مطالبو ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت زلزلي متاثرن کي ٿيل نقصان جي برابر معاوضو ادا ڪري. سندس وڌيڪ چوڻ هو 50 کان وڌيڪ ڏينهن کان والاريل ڪشمير ۾ قيد اسان جي ڀائرن ۽ ڀينرن تي ڀارتي ظلم جي مذمت ڪيون ٿا، ڪشميرين کي بنيادي حق ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪنداسين، والاريل ڪشمير جي عوام تي تاريخي حملو ٿيو آهي، ان تي پاڪستان جيڪو به ڪري اهو گهٽ آهي، اسان کي انهن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ هر ممڪن ڪم ڪرڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزيراعظم جي تقرير سٺي ٿي سگهي ٿي پر ان کي والاريل ڪشمير جي مسئلي تي وڌيڪ زور ڏيڻ گهرجي ها، عمران خان گڏيل قومن ۾ بيٺو هو ۽ کيس انهن جي ٺهرائن موجب والاريل ڪشمير جي عوام جي جمهوري حقن لاءِ ڳالهائڻ گهرجي ها. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ۽ پيپلز پارٽي گڏيل اجلاس جو مطالبو ڪيو هو ته جيئن اسان ان مسئلي کي اٿاري سگهون پر بدقسمتي سان جهڙي ريت حڪومت اجلاس گهرايو، ان ۾ پرڏيهي وزير ئي موجود نه هو ۽ ويراعظم پارليامينٽ جي فلور تي سوال ڪري رهيو هو ته مان ڇا ڪيان، گڏيل قومن ۾ تقرير ته هر سال ٿيندي آهي پر عمران خان ڪهڙو غير معمولي ڪم ڪيو آهي؟ پ پ چيئرمين چيو ته والاريل ڪشمير جو عوام پاڪستان ڏانهن ڏسي رهيو آهي ۽ عمران خان اپوزيشن کي فتح ڪرڻ ۾ رڌل آهي. مولانا فضل الرحمان جي ڌرڻي ۾ شرڪت کان انڪار جي فيصلي بابت پڇيل سوال جو جواب ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ ڌرڻي جي سياست جي مخالف آهي، جڏهن ته مولانا صاحب جي ڌرڻي جي اخلاقي ۽ سياسي حمايت جو اعلان ڪيو آهي، جلد مولانا صاحب سان ملاقات ڪندس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *