نيوي ڪلب جي تعمير غيرقانوني قرار، ڊاهڻ جو حڪم، ذميوارن خلاف ڪارروائي جي هدايت

اسلام آباد: (م.ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ راول جهيل جي ڪناري نيوي سيلنگ ڪلب جي تعمير غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏي آهي. چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ اطهر من الله شهري جي درخواست تي محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائيندي نيوي سيلنگ ڪلب کي 3 هفتن ۾ ڊاهڻ جو حڪم ڏيندي عمل ڪرائڻ جي رپورٽ به جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. هاءِ ڪورٽ فيصلو ٻڌائيندي چيو ته نيوي کي اهو اختيار ناهي ته هو ڪنهن به قسم جي ريئل اسٽيٽ منصوبي ۾ شامل ٿئي. سي ڊي اي کي اهو اختيار نه هو ته هو نيول فارمز کي اين او سي جاري ڪري. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي نيول چيف ايڊمرل ظفر محمود عباسي ۽ ٻين ذميوارن جي خلاف فوجداري ۽ مس ڪنڊڪٽ جي ڪارروائي ڪرڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت فيصلي ۾ چيو ته پاڪ فوج جو اهم اسٽيٽس اهي جنهن جو مينڊيٽ آئين ۾ ٻڌايو ويو آهي. نيوي کي اهو اختيار ناهي ته هو ريئل اسٽيٽ وينچر ڪري. ريئل اسٽيٽ بزنس جي لاءِ اداري جو نالو استعمال نٿو ڪري سگهجي. اٿارٽي کي اهو اختيار نه هو ته نيوي کي اين او سي جاري ڪري. پاڪستان نيوي نيشنل پارڪ ايريا تي قبضو ڪيو، سيلنگ ڪلب غيرقانوني آهي، نيوي سيلنگ ڪلب جي بلڊنگ 3 هفتن ۾ ڊاهي وڃي. اڳوڻي نيول چيف ايڊمرل ظفر محمود عباسي غيرقانوني عمارت جو افتتاح ڪري پنهنجي آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي. غيرقانوني عمارت ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف مس ڪنڊڪٽ ۽ فوجداري ڪارروائي جو حڪم ڏنو ويندو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *