آسٽريليا پاڪ – ڀارت مقابلن جي حوالي سان وڏي خبر ڏئي ڇڏي

ڪينبرا (اسپورٽس نيوز) آسٽريلوي ميڊيا پاڪ – ڀارت سيريز جي حوالي سان خوشخبري ٻڌائي ڇڏي.آسٽريلوي ميڊيا جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ 4 ملڪي سيريز ڪرائڻ لاءِ تيار آهي، پي سي بي سالياني ڪواڊليٽرل سيريز تي غور ڪري رهيو آهي ۽ بورڊ ان جو پلان جلد سامهون آڻيندو.آسٽريلوي ميڊيا موجب پي سي بي جو ڪواڊليٽرل سيريز ۾ پاڪستان، ڀارت، انگلينڊ ۽ آسٽريليا کي رکڻ جو پلان آهي ۽ چئني ملڪن جي پاڻ ۾ تاريخي ٽاڪري سبب انهن کي سيريز ۾ شامل ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.آسٽريليا جي ميڊيا چيو آهي ته پاڪ ڀارت ٽاڪري کانپوءِ آسٽريليا ۽ انگلينڊ ايشز سيريز جي به تاريخي نوعيت آهي.آسٽريلوي ميڊيا موجب پي سي بي چيئرمين چاهي ٿو ته مارچ ۾ پاڪستان جي دوري ۾ سمورا وڏا آسٽريلين نالا شامل هجن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *