نيوزي لينڊ ڪرڪيٽرز ڪورونا جي پرواهه ڪرڻ کانسوءِ ڀارتي ليگ لاءِ پنهنجي موجودگي ظاهر ڪري ڇڏي

لاهور(اسپورٽس نيوز) نيوزي لينڊ ڪرڪيٽر ڪورونا وائرس جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ڪروڙين ڊالرن جي لاءِ ڀارتي ڪرڪيٽ ليگ ڪاڻ پنهنجي موجودگي ظاهر ڪري ڇڏي.ان ۾ ڪپتان ڪين ويلم سن، لوڪي فرگوسن، جيمزنيشيم، ميچل سنيتر، ٽرنٽ بولٽ ۽ ميچل ميڪلينگهمن شامل آهين، انهن 6 /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 36

ڪرڪيٽرن نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ کان اين او سي ڏيڻ جي درخواست ڪئي جيڪا قبول ڪندي بورڊ انتظاميا واضح ڪيو ته اين او سي جاري ڪيا ويندا.بورڊ ليگ جي وقت ڪورونا صورت حال جي حوالي سان کين آگاهي ڏيندو پر ڪرڪيٽر کي ڪورونا صورتحال ۾ کيڏڻ جو خود فيصلو ڪرڻ سان گڏ سمورين شين جو خيال رکڻو پوندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *