ميڊيا کي 50 سيڪڙو ادائيگي ڪري ڇڏي، رهيل هفتي ۾ ادا ڪئي ويندي: شبلي فراز

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته ميڊيا هائوسز جي 50 سيڪڙو ادائيگي ڪئي ويئي آهي، رهيل هڪ هفتي ۾ ادا ڪئي ويندي، خميس تي قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي د/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 39

وران برجيس طاهر سوال ڪيو ته ميڊيا تي اڻ اعلانيل پابنديون ڪيستائين هلنديون شبلي فراز ٻڌايو ته ميڊيا هائوسز جون 50 سيڪڙو ادائيگي ڪئي ويئي آهي باقي رهيل هڪ هفتي ۾ ڪئي ويندي پي ٽي وي ۾ ڪابه سياسي ڀرتي ناهي ڪئي ويئي ٽاپ مئنجمينٽ کان علاوه ڪابه ڀرتي ناهي ڪئي ويئي ناز بلوچ چيو ته ٽي وي چينلز تي سينسرشپ لڳل آهي ڪيترائي ٽي وي چينل بند ڪرڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن سرڪاري اداري مان پراڻن اينڪرز کي ڪيئن ڪڍيو ويو، سوالن جي وقفي دوران علي محمد خان ٻڌايو ته احساس پروگرام تحت سنڌ کي ان جي حصي کان 10 سيڪڙو وڌيڪ ڏنو ويو سنڌ ۽ بلوچستان لاءِ پنجاب قرباني ڏني آهي علي محمد خان چيو ته 10 سيڪڙو ان لاءِ وڌيڪ ڏنو ويو ته سنڌ مان وڌيڪ درخواستون مليون شازيه مري چيو ته سنڌ جي آبادي 20 نه 23 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي معزز ايوان ۾ انگ اکر ته صحيح پيش ڪيا وڃن برجيس طاهر چيو ته ميڊيا ورڪرز کي پگهارون نه پيون ڏنيون وڃن ميڊيا تي پابندي لڳائي پئي وڃي چينل بند ڪيا پيا وڃن علي محمد خان ٻڌايو ته اسان ڪنهن کي سزا ناهيون ڏيندا سزا صرف الله ڏيندو آهي سزا ڏيڻ لاءِ اوهان هڪ ادارو ٺاهيو قونصل آف ڪمپلينٽ چينلز جي شڪايتن جو ازالو ڪري ٿو ناز بلوچ چيو ته ايم ڊي پي ٽي وي جي ٻٽي شهريت آهي سرڪاري ٽي وي تي پاڪستان جا ٻه غلط نقشا ڏيکاريا ويا ان معاملي ۾ هيٺين اسٽاف کي فارغ ڪيو ويو ناز بلوچ چيو ته پي ٽي وي چيئرمين 60 سالن کان وڌيڪ عمر جو آهي هي عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي آهي علي محمد خان چيو ته ڪشمير جي جهنڊي جي حوالي سان معاملو کي سولو نه ورتو ويندو هن معاملي جي جاچ ٿي رهي آهي علي محمد خان چيو ته في الحال عمر جي چڪر ۾ نه پئو ۽ کوڙ سارا چيئرمين به 60 سالن کان وڌيڪ عمر جا آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *