نيوزيلينڊ کي پهرين ٽيسٽ ۾ شڪست ڏئي سيريز جي شروعات ڪاميابيءَ سان ڪنداسين: يونس خان

نيلسن(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو بيٽسمين يونس خان چيو آهي ته نيوزيلينڊ کي پهرين ٽيسٽ ۾ شڪست ڏئي سيريز جي شروعات ڪاميابيءَ سان ڪنداسين. هن چيو ته ميزبان ٽيم کي هارائڻ لاءِ رانديگرن کي راند جي سمورن شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي. پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 2 ٽيسٽ ميچن تي ٻَڌل سيريز جي پهرين ٽيسٽ 17 نومبر کان ڪرائسٽ چرچ ۾ شروع ٿيندي. يونس خان چيو آهي ته ڪيويز کي ان جي سرزمين تي هارائڻ ڪنهن به چئلينج کان گهٽ ناهي. هن چيو ته اسان جي ٽيم متوازن آهي کٽڻ لاءِ راند جي سمورن شعبن ۾ غير معمولي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *