غير اخلاقي مطالبي تي ڀارتي اداڪاره پاران ڊائريڪٽر جي سرعام بي عزتي ڪري وڊيو جاري ڪري ڇڏي

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي ماڊل ۽ اداڪاره امن سنڌو فلمن ۾ ڪم ڏيڻ جي بدري غير اخلاقي ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪندڙ جعلي هدايتڪار ديپڪ مشرا کي سرعام بي عزتو ڪيو ۽ وڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي جاري ڪري ڇڏيو، بالي ووڊ ۾ اداڪارائن ۽ ماڊلز کي فلمن ۾ ڪم جو چئي جسم فروشي تي مجبور ڪرڻ عام ڳالهه ٿي وئي آهي ۽ مشهور اداڪارائن کي به ڪيترا ڀيرا هدايتڪارن ۽ فلمسازن پاران ڌمڪايو ويو آهي جنهن جو اعتراف اداڪاره ڪنگنا رناوت ڪيو آهي، پر هاڻ هڪ ٻي ماڊل گرل کي غير اخلاقي ڪم ڪرڻ لاءِ مجبور ڪرڻ جو واقعو سمهون آيو آهي، ڀارتي ميڊيا موجب ماڊل گرل امن سنڌو کي ديپڪ مشرا نالي شخص هدايتڪار بڻجي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي پيش ڪش ڪئي ۽ ان سان گڏ رات گذارڻ جو چيو جنهن ماڊل گرل ان کي ملاقات لاءِ مقامي ۾ هوٽل ۾ گهرايو، جتي هن جعلي هدايتڪار جي عوام جي سامهون بي عزتي ڪئي، هن جعلي هدايتڪار خلاف پوليس ۾ ڪيس داخل ڪرايو آهي پر پوليس ڪارروائي کان نٽائي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *