نيوزيلينڊ جي باڪسر سوني بل وليمز پاران سعودي عرب جو دورو، عمري جي ادائيگي

 

ويلنگٽن(اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ جي باڪسر ۽ رگبي رانديگر سوني بل وليمز هلندڙ مهيني عمري جي ادائيگي لاءِ سعودي عرب جو دورو ڪيو ۽ مقدس جاين جون تصويرون مداحن سان شيئر ڪيون.سوني بل وليمز واحد مسلم باڪسر ۽ رانديگر آهي جيڪو نيوزيلينڊ لاءِ کيڏندو آهي.هو انٽرنيشنل هيوي ويٽ چيمپيئن جو فاتح به آهي ۽ 2011ع ۽ 2015ع ۾ رگبي ورلڊ ڪپ به کٽي چڪو آهي.سون بل وليمز 2009ع ۾ اسلام قبول ڪيو ۽ ديني تعليم حاصل ڪئي. سوني وليمز ڪجهه ڏينهن اڳ مڪي شريف ۾ عمرو ادا ڪيو ۽ مديني شريف جي زيارت به ڪئي، جنهن جون تصويرون هن پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي شيئر ڪيون آهن.سوني وليمز مسجد نبوي جي احاطي جي هڪ تصوير ٽوئيٽر تي شئير ڪندڙ پنهنجن جذبن جو اظهار ڪيو آهي لکيو ته مديني ۾ مسجد نبوي صه جي زيارتي ڪرڻ ڪيڏو زبردست احساس آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *