پاڪستان خلاف نيوزيلينڊ جي ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جو اعلان

 

ويلنگٽن(اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ پاڪستان خلاف ٽن ميچن تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.پاڪستان کي ون ڊي سيريز ۾ شڪست ڏيڻ کانپوءِ نيوزيلينڊ ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو جڏهن ته سيريز جي شروعات 22 جنوري تي ٿيندي.نيوزيلينڊ جي اسڪواڊ ۾ ڪجهه رانديگر هڪ يا ٻن ميچن لاءِ موجود هوندا، اسڪواڊ ۾ ڪپتان ڪين وليمسن، مارٽن گپٽل، ڪولن منرو، گلين فلپس، روس ٽيلر، مچل سينٽنر، ٽرينٽ بولڊ، ٽام بروس، ڪولن ڊي گرينڊ هوم، لوڪي فرگوسن، ايش سوڌي، ٽم سائوٿي، بين ويلر ۽ انارو ڪچن شامل آهن.ٽم سائوٿي پهرئين ۽ ٽئين جڏهن ته راس ٽيلر پهرين ٽي ٽوئنٽي لاءِ موجود هوندو، فاسٽ بالر ٽرينٽ بولٽ کي پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ لاءِ آرام ڏنو ويو آهي ۽ هو ٻئين ۽ ٽئين ميچ لاءِ موجود هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *