نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي نيشنل اسپيس پروگرام 2047 ۽ نيو ڪليئر پاور جي منظوري ڏئي ڇڏي

راولپنڊي (اين اين آءِ) نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي ڪنهن به نوعيت جي جارحيت کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي دفاعي صلاحيت تي مڪمل اظهار ڪندي قومي دفاعي صلاحيتن کي مستحڪم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪوششن ۽ ڪردار تي سائنسدانن ۽ انجنيئرز کي مبارڪ ڏني آهي، جڏهن ته پاڙي ۾ عدم استحڪام جي قدمن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهڙن قدمن سان ڏکڻ ايشيا ۾ اسٽريٽجڪ استحڪام برقرار رکڻ جي مقصد کي نقصان پهچي سگهي ٿو، نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي جو 23 هون اجلاس خميس تي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ دفاع ۽ گهرو وفاقي وزيرن، چيئرمين جي ايس سي، چيف آف آرمي اسٽاف، چيف آف نيول اسٽاف، چيف آف ايئر اسٽاف، ڊي جي اسٽريٽجڪ پلاننگ ڊويزن، ڊي جي آءِ ايس آءِ، پرڏيهي معاملن واري سيڪريٽري ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، نيشنل ڪمانڊ اسٽريٽجڪ ماحول بابت بريفنگ ڏني وئي، اين سي اي خطي جي صورتحال جو جائزو وٺندي پاڪستان جي پاڙي ۾ ٿيندڙ عدم استحڪام جي قدمن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو جنهن سبب ڏکڻ ايشيا ۾ اسٽريٽجڪ استحڪام برقرار رکڻ جي مقصد کي نقصان پهچي سگهي ٿو، اهڙن قدمن ۾ روايتي هٿيارن جي ذخير ۾ واڌ، ڀارتي بحري خطي کي ايٽمي بڻائڻ ۽ ڊي ايم ڊي ۾ اضافو ۽ مقرري جا منصوبا شامل آهن، نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي ڪنهن به نوعيت جي جارحيت کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي صلاحيت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي مڪمل دفاعي صلاحيت برقرار رکڻ ۽ ان کي هٿي وٺرائڻ جي پاڪستان جي پاليسي کي ورجايو، نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي قومي دفاعي صلاحيتن کي مستحڪم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪوششن ۽ ڪردار تي سائنسدانن ۽ انجنيئرز کي مبارڪ ڏني، اين سي اي بابر ٿري ايس ايل سي ايم ۽ ابابيل ميزائيل سسٽم جي تجربن دوران جديد ترين ٽيڪنالاجي جي مظاهري کي ساراهيو جنهن سان اسٽريٽجڪ صلاحيتن جي حوالي سان ملڪ ٽيڪنالاجي جي جدت جي نئين دور ۾ داخل ٿي ويو آهي، اجلاس دوران نيو ڪليئر سيڪيورٽي ريجيم جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، پاڪستان جي ايٽمي نظام جي ڪمانڊ ڪنٽرول ۽ سيڪيورٽي قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ويو جنهن ذريعي پاڪستان جي اسٽريٽجڪ اثاثن ۽ مواد کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *