گڏيل قومن ۾ آمريڪي فيصلي خلاف ٺهراءُ منظور

گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ٽرمپ جون ڌمڪيون نظرانداز ڪندي يروشلم کي اسرائيلي گادي مڃڻ ۽ سفارتخانو کولڻ جي فيصلي خلاف ٺهراءُ منظور ڪري ورتو آهي. پاڪستان چيو آهي ته ڌمڪين کان ڊڄي فلسطينين جو ساٿ نه ڇڏينداسين. جنرل اسيمبلي ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي فيصلي خلاف 128 ۽ مخالفت ۾ 9 ووٽ پيا، جڏهن ته 35 ميمبر ايوان مان غير حاضر رهيا. جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي آمريڪي سفير چيو ته بيت المقدس فيصلي خلاف ٺهراءُ سان ڪو فرق نه ٿو پوي. جنرل اسيمبلي ۾ گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن ٽرمپ جون ڌمڪيون رد ڪري ڇڏيون. گڏيل قومن ۾ پاڪستاني نمائندي  کرو جواب ڏيندي آمريڪا تي واضح ڪري ڇڏيو ته پاڪستان نه پئسن جو بکيو آهي نه آمريڪي ڌمڪين کان ڊڄي ٿو، القدس جي حيثيت ۾ تبديلي برداشت نه ڪنداسين. آمريڪا مفت ۾ امداد نه ٿو ڏئي. سندس مفاد هوندا آهن. واضح رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ ڌمڪي ڏني هئي ته جنرل اسيمبلي ۾ آمريڪي فيصلي خلاف ووٽنگ ڪندڙن جي امداد ۾ ڪٽوتي ڪئي ويندي.ٽرمپ گڏيل قومن ۾ مقرر پنهنجي سفير نڪي هيلي کي هدايت ڪئي هئي ته اها کيس اهڙن ملڪن جا نالا فراهم ڪري، جيڪي مخالفت ۾ ووٽ ڏين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *