نيشنل ڊفينس يوينورسٽي کي قومي سلامتي ۽ دفاعي پاليسي تيار ڪرڻ جي عمل ۾ اهم ٿنڪ ٽينڪ جي حيثيت حاصل آهي: صدر

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان جي صدر ممنون حسين چيو ته نيشنل ڊفينس يونيوسٽي کي قومي سلامتي ۽ دفاعي پاليسي تيار ڪرڻ جي عمل ۾ هڪ اهم ٿنڪ ٽينڪ جي حيثيت حاصل آهي اها ڳالهه صدر ممنون حسين نيشنل ڊفينس يونيورسٽِ جي صدر ليفٽيننٽ جنرل انوارعلي حيدر سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪئي جنهن پاڪستان جي صدر سان ايوان صدر اسلام آباد ۾ ان سان ملاقات ڪئي صدر چيو ته نيشنل ڊفينس يونيورسٽِ ملڪ جو هڪ اهم ادارو آهي جيڪو نه صرف دفاعي حڪمت عملي جي جوڙجڪ پر عسڪري ۽ سول آفيسرن کي تربيت فراهم ڪرڻ جون ذميواريون به نڀائي رهيو آهي هن چيو ته هن تربيت جو مقصد فعال ۽ اهم ليڊرشپ جي تياري ۾ معانت ڪرڻ آهي صدر چيو ته نه صرف پاڪستان پر ايشيا ۾ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي بهتر درجه بندي آهي هن چيو ته جيڪي ماڻهو اتان تعليم پرائي وڃن ٿا انهن جي دماغ ۾ پاڪستان جو سٺو تصور ۽ دوستي جا جذبا اڀرن ٿا صدر فيڪلٽي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ شاگردن کي رهائشي سهولتون ڏيڻ لاءِ تڪڙا اپاءُ ڪرڻ جي هدايت ڪئي صدر يونيورسٽِ کي وڌيڪ بهتر بنائڻ لاءِ مڪمل تعاون خاطري ڪرائيندي ڪيو ته اين ڊي يو غير رسمي سفارتڪاري جي سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي جنهن مان ڀرپور نموني فائدو وٺڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *