آصف زرداري افغان اڳواڻن سان دهشتگردي خلاف جنگ ۽ ٻطرفو لاڳاپا بهتر ڪرڻ لاءِ ڪابل پهچي ويو

ڪابل (م.ڊ) اڳوڻو صدر آصف زرداري افغان اڳوان سان دهشتگردي خلاف جنگ ۽ ٻطرفو لاڳاپا بهتر بنائڻ جي سلسلي ۾ ڳالهه ٻولهه لاءِ ڪابل پهچي ويو پاڪستاني سفارتخاني جي هڪ اهلڪار ٻڌايو ته پاڪستاني سفير ابرار حسين ۽ ٻيا سفارتڪار به استقبال لاءِ ڪابل جي هوائي اڏي تي موجود هئا افغان صدر اشرف غني نومبر ۾ پاڪستان جي دوري دوران آصف زرداري سميت ٻين پاڪستاني اڳواڻن کي افغان دوري جي دعوت ڏني هئي هن کان اڳ عوامي نيشنل پارٽي، پختونخواهه ملي پارٽي عوامي وطن پارٽي جي اڳواڻ صدر اشرف غني جي دعوت تي جنوري ۾ افغانستان جو دورو ڪري چڪو آهي افغان صدر جمعيت طلبا اسلام ۽ جماعت اسلامي جي اميرن کي به ڪابل جي دوري جي دعوت ڏني اهي افغان عملدارن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني اڳواڻن جي دوري جو مقصد ٻنهي ملڪن جي سياسي اڳواڻن وچ ۾ رابطا وڌائڻ آهي ته جيئن غير سرڪاري طور تي به امن قائم ڪرڻ ۽ دهشتگردي بابت معاملن تي مشورا ڪري سگهجن. پروگرام مطابق آصف زرداري افغان صدر اشرف غني ۽ چيف ايگزيڪيوٽو ڊاڪٽر عبدالله سان ملاقات ڪندو اڳوڻي صدر زرداري جي وفد ۾ اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ۽ اڳوڻي وزير شيرين رحمان شامل آهن. پرڏيهي وزارت جي ترجمان آصف علي زرداري جي ڪابل جي دوري جي آجيان ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *