نيب ۽ ڪرپشن گڏ نه ٿا هلي سگهن، ڪا به طاقت نيب کي ڊڪٽيٽ نه ٿي ڪري سگهي: جاويد اقبال

ملتان ( ويب ڊيسڪ ) نيب چيئرمين جاويد اقبال چيو آهي ته معيشت ۽ نيب گڏ نه ٿا هلي سگهن پر نيب ۽ ڪرپشن گڏ نه ٿا هلي سگهن. ملتان ۾ تقريب کي خطاب ڪندي نيب چيئرمين جاويد اقبال چيو ته ڪو به طاقت نيب کي ڊڪٽيٽ نه ٿي ڪري سگهي، نيب تي تنقيد ضرور ڪيو پر هاڪاري هئڻ گهرجي. هن چيو ته نيب قانون موجب پنهنجو ڪم ڪندي، جڏهن ته  معيشت ۽ نيب گڏ هلي سگهن ٿا پر نيب ۽ ڪرپشن گڏ نه ٿا هلي سگهن. سندس چوڻ هو ته بدعنوان عنصرن خلاف نيب حرڪت ۾ ايندي جيڪو ڦرلٽ ڪندو تنهن کي قانون جو منهن ڏسڻو پوندو، اسان جي واحد خواهش ڪرپشن فري پاڪستان آهي.  نيب چيئرمين چيو ته نيب هميشه تنقيد جي آجيان ڪئي، تنقيد ضرور ڪيو پر اها هاڪاري هئڻ گهرجي. هن چيو ته بدعنواني نه هجي ها ته ملڪ کي قرض نه وٺڻو پوي ها، نيب خلاف سازش تحت واويلا ڪئي پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته ڪابه طاقت نيب کي ڊڪٽيٽ نه ٿي ڪري سگهي، ادارو قانون موجب ڪم جاري رکندو، ڪابه ڊڪٽيشن قبول نه ڪئي ويندي.  سندس چوڻ هو ته اسان جي واحد خواهش ڪرپشن فري پاڪستان آهي، نيب پلي بارگين قانون ۾ بهتري جي گنجائش آهي پر جيڪو ڦرلٽ ڪندو تنهن کي نيب جي مزاحمت جو منهن ڏسڻو پوندو، نيب ڪارو قانون هجي ها ته  سپريم ڪورٽ ختم ڪري ڇڏي آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *