غائب ماڻهو ڪيس: عدلت قصا ڪهاڻين تي ٻڌل پوليس رپورٽون رد ڪري ڇڏيون

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ هاءِ ڪورٽ کنڀي گم ڪيل ماڻهن کي آزاد ڪرائڻ بابت درخواستن تي 30 مئي تي ايس ايس پي انويسٽيگيشن ۽ لاڳاپيل ٿاڻن جي سربراهن کي طلب ڪيو ويو اهي خميس تي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي غائب ماڻهن جي گهرڀاتين دانهون ڪندي چيو ته محمد نعيم، عارف نظامي ۽ محمد علي ڇهن سالن کان گم آهن پوليس هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ جاچ منتقل ڪندي رهي ٿي عدالت پوليس، جي آءِ ٽي، سربراهه صوبائي ٽاسڪ فورس ۽ سنڌ جي گهرو کاتي جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪري ڇڏيو جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ريمارڪس ڏنا ته پوليس جي آ3 ٽي صوبائي ٽاسڪ فورس ۽ گهرو کاتي جي ڪارڪردگي بلڪل زيرو آهي انهن ادارن کي نه خدا جو خوف ۽ نه ڪنهن ٻئي جو ڊپ آهي غائب ماڻهن جون امڻيون ڀينرون عدالت ۾ دانهون ڪري هليون وڃن ٿيون گهر ڀاتي پريشان آهن پر پوليس آفيسر رڳو اروايتي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائين ٿا جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته پوليس جون سموريون رپورٽون قصا ڪهاڻيون آهن قصا ڪهاڻين تي ٻڌل پوليس رپورٽن کي رد ڪيون ٿا ايف آءِ اي کي ٽريول هسٽري گهري هئي اهي به ڪنهن تاريخ تي پيش ٿين ٿا ۽ ڪنهن تاريخ ي نٿا اچن عدالت 30 مئي تي ايس ايس پي انويسٽيگيشن ۽ لاڳاپيل ٿاڻن جي سربراهن کي طلب ڪري ورتو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *