نيب ۽ ايف آءِ اي جون ڪارروايون صوبائي خومختياري خلاف آهن، ڇا ڪرپشن رڳو سنڌ ۾ آهي ۽ ٻيا سڀ صوبا پاڪ آهن؟ پيپلزپارٽي

اسلام آباد (بيورو) سنڌ ۾ نيب ۽ ايف آءِ اي جي ڪاررواين خلاف پيپلزپارٽي جي ميمبرز پاران قومي اسيمبلي ۾ سخت احتجاج ڪيو ويو، اعجاز جکراڻي چيو آهي ته  نيب ۽ ايف آءِ اي جون ڪارروايون صوبائي خومختياري جي خلاف آهن، ڇا ڪرپشن رڳو سنڌ ۾ آهي ۽ ٻيا سڀ صوبا پاڪ آهن.؟ قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس جي شروعات ۾ مانسهره ۾هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿي ويلن لاءِ فاتح خواني ڪئي وئي. اجلاس ۾ پيپلزپارٽي جي ميمبرز سنڌ ۾ نيب ۽ ايف آءِ اي جي ڪاررواين خلاف سخت احتجاج ڪيو. پ پ ايم اين اي اعجاز جکراڻي چيو ته نيب ۽ ايف آءِ اي وڏي وزير جي اجازت کانسواءِ سنڌ ۾ ڇاپا هڻي رهيا آهن، جيڪو عمل صوبائي خومختياري جي خلاف آهي. اعجاز جکراڻي چيو ته نيب ۽ ايف آءِ اي کي رڳو سنڌ نظر ڇو اچي رهي آهي، ڇا ميٽرو بس ۽ اين اي آر سي ۾ ڪرپشن نيب ۽ ايف آءِ اي کي نظر ئي نٿي اچي. هن چيو ته وفاق ٻين صوبن ۾ مداخلت نٿو ڪري ته سنڌ ۾ به مداخلت بند ڪئي وڃي. اعجاز جکراڻي چيو ته سڀ ڪرپشن جو خاتمو چاهين ٿا، وڏي وزير کي ڪرپشن خلاف ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي. ا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *