سنڌ اسيمبلي ۾ الطاف حسين نه پر پاڪستان ۾ رهندڙ 5 ڪروڙ مهاجرن خلاف ٺهراءُ پاس ڪري سندن دل آزاري ڪئي وئي آهي: ايم ڪيو ايم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم سنڌ اسيمبلي جي مبمبرز متحده سربراهه الطاف حسين خلاف ٺهراءَ پاس ڪرڻ جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته ٺهراءَ الطاف حسين نه پر ملڪ جي 5 ڪروڙ مهاجرن خلاف پاس ڪيو ويو آهي. سنڌ اسيمبلي ٻاهران خواجه اظهارلحسن، سيد سردار احمد ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائنيدي چيو ته آصف زرداري ۽ عمران خان خلاف ٺهراءَ به ٺهراءُ پيش ڪيو وڃي، جن قومي ادارن جي خلاف گهڻو ڪجهه ڳالهايو آهي. اڳواڻن چيو ته   اڄ سنڌ اسيمبلي ۾ الطاف حسيننه پر پاڪستان ۾ رهندڙ 5 ڪروڙ مهاجرن خلاف ٺهراءُ پاس ڪري سندن دل آزاري ڪئي وئي آهي. متحده اڳواڻن چيو ته الطاف حسين خلاف ميڊيا ٽرائل ٿي رهيو آهي،پر آصف علي زرداري ۽ عمران خان جيڪو ڪجهه قومي ادارن خلاف ڳالهايو آهي، ان مطابق انهن خلاف به ميڊيا ٽرائل ٿيڻ گهرجي. هنن وڌيڪ چيو ته اوردو ڳالهائندڙن کي حب الوطني جي سرٽيفڪيٽ جي ضرورت ناهي، اڄ به هو ملڪ  جي بقا لاءِ جان جو نذارانو پيش ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *