نيب پاران شريف خاندان خلاف 4 ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): قومي احتساب بيورو (نيب) پاناما ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ شريف خاندان ۽ اسحاق ڊار خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سپريم ڪورٽ پاناما ڪيس جي فيصلي ۾ ميان نواز شريف، حسن، حسين، مرين نواز، ڪيپٽن (ر) صفدر ۽ اسحاق ڊار خلاف نيب ريفرنس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد قومي احتساب بيورو (نيب) جي چيئرمين قمر زمان چوڌري جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڊپٽي چيئرمين نيب امتياز تاجور ۽ پراسيڪيوٽر جنرل وقار ڪريم به سريڪ ٿيا، جڏهن ته نيب جي پراسيڪيوٽر ونگ آفيسرن کي پاناما ڪيس جي فيصلي جي حوالي سان بريفنگ ڏني، ذريعن ٻڌايو ته اجلاس ۾ پاناما ڪيس جي فيصلي تي عملدرآمد ڪرڻ جي حوالي سان طريقيڪار تي غور ڪيو ويو، ذريعن موجب نيب جي اعليٰ سطحي اجلاس بعد چيئرمين جي صدارت هيٺ ايگزيڪيوٽو بورڊ جو به اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته پاناما ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي مڪمل عمل ڪيو ويندو، ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ شريف خاندان خلاف 4 مختلف اشوز تي ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جيڪي نيب راولپنڊي طرفان احتساب عدالت ۾ داخل ڪيا ويندا، ذريعن ٻڌايو ته ريفرنس ميان نواز شريف، حسن، حسين، مريم نواز، سندس مڙس ڪيپٽن (ر) صفدر ۽ اسحاق ڊار خلاف داخل ڪيا ويندا، جن جي نگراني نيب راولپندي ڪندو. ٻئي طرف نيب پاران فيصلو ڪيو ويو ته شريف خاندان خلاف ڊي جي نيب عرفان منگي ريفرنس داخل ڪرائي، واضع رهي ته شريف خاندان خلاف پاناما ڪيس جي جاچ ڪرڻ واري ٽيم جي آءِ ٽي جي پنجن ميمبرن منجهان عرفان منگي ٻئي نمبر تي شامل هو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *