قانون موجب هر سياسي پارٽي فنڊنگ جا ذريعا ٻڌائڻ جي پابند آهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي نااهلي بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. سپري ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهيءَ ۾ عمران خان جي نااهلي بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس  چيو ته هو اميد ڪري ٿو ته انور منصور صاحب اوهان جي طبعيت بهتر هوندي جنهن تي عمران خان جي وڪيل چيو ته دستاويز جمع ڪرايا آهن پر گهڻو دير تائين بيهي نه ٿو سگهان، لکت ذريعي سوالن جا جواب ڏئي چڪو آهيان. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته توهان چئو ٿا ته اليڪشن ڪميشن پابندي مڙهيل فنڊن تي فيصلو نه ٿي ڪري سگهي، انور منصور چيو ته ها بلڪل اليڪشن ڪميشن اهو ڪيس نه ٿي ٻڌي سگهي، پوليٽيڪل پارٽيز آرڊر 2002ع ۾ سمورو قانون تبديل ڪيو ويو هو. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا اوهان چئو ٿا ته اڪائونٽ رپورٽ بعد اليڪشن ڪميشن اڪائونٽس نه ٿي ڏسي سگهي جنهن تي انور منصور چيو ته منهنجو موقف آهي رپورٽ جمع ڪرائڻ بعد آڊٽ نه ٿي سگهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته قانون وجب هر سياسي پارٽي فنڊنگ جا ذريعا ٻڌائڻ جي پابندي آهي جنهن تي انور منصور چيو ته مان اهو نه چئي رهيو آهيان ته مان جوابده نه آهيان. عمر عطا بنديال رمارڪس ڏيندي چيو ته توهان موجب هر پارٽي جي چارٽرڊ اڪائونٽنٽ جو جواب آخري آهي جڏهن ته اليڪشن ڪميشن توهان کي ٻڌڻ کانسواءِ فيصلو نه ٿي ڪري سگهي.انور منصور چيو ته رڳو هڪ سياسي پارٽي کي نه چونڊيو وڃي جنهن تي جسٽس فيصل عرب چيو ته قانون موجب توهان اهو نه ٿاچئي سگهو ٿو ته رڳو مون کي سزا نه ڏني وڃي توهان پنهنجي موقف سان پاڻ کي الزامن کا آجو ڪرايو. حنيف عباسي جي وڪيل اڪرم شيخ چيو ته تحريڪ انصاف طرفان غلط دستاويز سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايا ويا آهن اهي دستاويز هنن پاڻ تيار ڪيا آهن ۽ جواب ۾ هڪ به دستاويز درست ناهي، پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ جمع ڪيل دستاويزن ۾ هڪ هڪ صفحو پاڻ تيار ڪيو ويو آهي، تحريڪ انصاف اصل فنڊز کان گهٽ فنڊ ظاهر ڪيا ۽ چيو ويو آهي ته حلال کي حرام کان الڳ ڪيو، حرام انتظامي طور خرچ ڪيو ويو ۽ حلال پاڪستان موڪلڻ جو موقف اختيار ڪيو ويو. جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏيندي چيو ته حرام نه پر پابندي مڙهيل جو لفظ آهي. انور منصور جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته  مان آمريڪا وڃي دستاويز ٺاهيو هو جنهن تي اڪرم شيخ چيو ته مان توهان بابت ائين نه چيو آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اهڙن دستاويزن کي کي ڏسڻ لاءِ مهينا لڳي ويندا. اڪرم شيخ چيو ته جناب جون عقابي نظرون اهڙن دستاويزن کي رڪارڊ جو حصو بڻائڻ جي اجازت نه ڏينديون جڏهن ته منهنجو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ هٿرادو دستاويز لڳايا آهن. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪي به فنڊ آهن هو فارا کي ان بابت ڄاڻ ڏيندو هو. اڪرم شيخ چيو ته قانون موجب فارا کي سموري ڄاڻ ڏيڻي هوندي آهي، اسان رڪارڊ تي موجود هڪ هڪ نالي جو جائزو ورتو، اهي فارا جي رڪارڊ تي نه آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *