نيب معيشت ۾ بهتري ۽ واپارين جي شڪايتن جي ازالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيب معيشت ۾ بهتري ۽ واپارين جي شڪايتن جي ازالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. نيب طرفان جاري پڌرائي موجب ملڪ ۾ معيشت ۾ بهتري ۽ واپاري برادري جي شڪايتن جي ازالي جي 6 رڪني ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڪميٽي ۾ افتخار علي ملڪ، دارو خان اچڪزئي، عاطف باجوه انجم نثار، سڪندر مصطفيٰ ۽ جميل يوسف شامل ٿيندا. ڪميٽي واپارين جون شڪايتون ۽ سفارشون نيب چيئرمين کي ڏيندي، ڪميٽي جون سفارشون نيب چيئرمين جي سربراهي ۾ 3 رڪني ڪميٽي کي پيش ڪئ يويندي، جتي ڪميٽي جي هر سفارش جو گهرائي سان جائزو ورتو ويندو، جيڪا ريفرنس داخل ٿي چڪي ان جي باري ۾ شڪايتون پذيرائي جوڳيون نه هونديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *