ميانوالي: ايمبولينس ۽ ٽرالر جي وچ ۾ ٽڪر، ٻارڙن ۽ عورتن سميت 9 ڄڻا فوت

ميانوالي(ويب ڊيسڪ) ملتان روڊ تي ايمبولينس ۽ ٽرالر جي وچ ۾ ٽڪر سبب 9 ڄڻا فوت ٿي ويا. تفصيل موجب ميانوالي جي علائقي هيڊ پڪه جي ڀرسان ملتان روڊ تي ايمبولينس ۽ ٽرالر پاڻ ۾  ٽڪرائجي پيا، ٽڪر جي فوري بعد ايمبولينس  ۾ لڳل گيس سلنڊر ڦاٽي پيو جنهن سبب باهه لڳي پئي. حادثي جو شڪار ايمبولينس مريض کي بکر کان راولپنڊي کڻي وڃي رهيا هئا ۽ ان ۾ 3 ٻار، 3 عورتون ۽ 3 مرد سوار هئا.  حادثي جي نتيجي ۾ ايمبولينس ۾ سوار ڪو به شخص نه بچي سگهيو، فوت ٿيلن جي سڃاڻپ ڊرائيور غلام حسين، محمد نديم، تاج بي بي، مريدان بيبي، صبا، جويريا، انشال ۽ ايان جي نالن سان ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *