نيب قانون ۾ ترميم باوجود آفيسرن جا حوصلا بلند آهن، ڪرپشن جي ڪيسن ۾ ڪنهن کي به نه ڇڏيو ويندو : نيب چيئرمين

لاهور (ويب ڊيسڪ) نيب چيئرمين جاويد اقبال چيو آهي ته نيب قانون ۾ ترميم باوجود آفيسرن جا حوصلا بلند آهن. نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب لاهور ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ هن نيب ترميمي آرڊيننس بابت غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته نيب قانون ۾ ترميم باوجود آفيسرن جا حوصلا بلند آهن ۽ ڪرپشن جي ڪيسن ۾ ڪنهن کي به نه ڇڏيو ويندو. هن چيو ته نيب جي جوابدارن کي سزا ڏيارڻ جي گڏيل شرح تقريب 70 سيڪڙو آهي ۽ نيب جو ايمان ڪرپشن کان پاڪ پاڪستان آهي. واضح رهي ته حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ نيب قانون ۾ ترميم تي ڳالهيون جاري آهن. ان حوالي سان حڪومت نيب ترميمي آرڊيننس جاري ڪيو هو پر اپوزيشن سان صلاح مشوري بعد ان کي واپس ورتو ويو ۽ نيب قانون ۾ ترميم لاءِ پارليامينٽ ذريعي قانون سازي تي اتفاق ڪيو ويو آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *