ونڊر وومين جو ڪردار نڀائڻ جي خواهش هئي: جينيفر آئنسٽن

 

ڪراچي (شوبز نيوز) هالي ووڊ جي مشهور اداڪارا جينيفر آئنسٽن چيو آهي ته کيس هميشه کان ونڊر وومين جو ڪردار نڀائڻ جي خواهش هئي ۽ مان ان جو وڏو انتظار به ڪيو. فاڪس نيوز جي رپورٽ موجب اداڪارا جو چوڻ هو ته کيس ونڊر وومين جهڙو سپر هيروئن جو ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو نه مليو پر هو ٻين پراجيڪٽس ۾ انوکا ڪردار نڀائڻ تي غور ڪري رهي آهي. اداڪارا موجب مون وٽ ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي، مان ڪيريئر جي ان موڙ تي ڌيان ڏئي رهي آهيان ته هڪ اداڪارا جي حيثيت سان مان ڇا ڪري سگهان ٿي. جينيفر آئنسٽن موجب مان وڌيڪ ڪاميڊي ڪردار نڀائڻ جي خواهشمند آهيان، چاهيان ٿي ته مان هاڻي کل ڀوڳ ڪريان ۽ ماڻهن کي به کلايان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *