نيب جو فليگ شپ ريفرنس ۾ نواز شريف جي بريت خلاف اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباڊ(ويب ڊيسڪ) فليگ شپ ريفرنس ۾ احتساب عدالت طرفان نواز شريف جي بريت واري فيصلي جي خلاف نيب اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ جسٽس (ر) جاويد اقبال جي صدارت ۾ نيب جي سينيئر قانوني ماهرن ۽ آفيسرن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ نيب فليگ شپ ريفرنس ۾ احتساب عدالت جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال قانوني ٽيم کي مڪمل تياري جي هدايت ڪندي چيو آهي ته خاص ثبوتن ۽ قانون جي موجب فليگ شپ ڪيس جي فيصلي ۾ نواز شريف جي بريت جي خلاف بروقت اپيل داخل ڪئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *