حڪمرانن اقتدار ۾ اچي رڳو دولت بڻائي، نواز شريف جي خلاف فيصلي سان سچ سامهون اچي ويو: عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته حڪمرانن اقتدار ۾ اچي رڳو دولت بڻائي ۽ نواز شريف جي خلاف سان سچ سامهون اچي ويو آهي. وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي خلاف احتساب عدالت جي فيصلي تي ڳالهيون ڪيون ويون جڏهن ته وزير اعظم عمران خان کي فيصلي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي خطاب ڪندي وزير اعظم جو چوڻ هو ته احتساب جو عمل مڪمل ترقي جي لاءِ انتهائي ضروري آهي، نواز شريف جي خلاف فيصلي سان سچ سامهون اچي ويو آهي، حڪمرانن اقتدار ۾ اچي رڳو دولت بڻائي، رڳو 10 سالن ۾ 24هزار ارب رپيا قرض ورتو ويو. پر ايتري وڏي قرضي کان پوءِ به عوام جي حالت بدلي نه سگهي پر ان جي ابتڙ عوام غريب کان غريب ٿيندو ويو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *