نوشين شاهه ۽ نمرتا چنداڻي جي جسم ۽ ڪپڙن مان مليل جزا هڪ جهڙا هجڻ انڪشاف

ڄامشورو: (م.ڊ) لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ مبينا آپگهات ڪندڙ شاگردياڻي ڊاڪٽر نوشين شاهه جي ڊي اين اي رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي. لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو جي فارنزڪ ماليڪيولر ليبارٽري مان رات جو دير سان جاري ڪيل ڊي اين اي رپورٽ ۾ ڊاڪٽر نوشين شاهه ۽ ڊاڪٽر نمرتا چنداڻي جي جسم ۽ ڪپڙن مان مليل جزا هڪ جهڙا هجڻ انڪشاف ٿيو آهي. جاري ڪيل رپورٽ جي پيرا نمبر 2 ۾ ضروري نوٽ هڻي ڄاڻايو ويو آهي ته ڪيل تحقيق دوران نوشين ۽ نمرتا جي جسم ۽ ڪپڙن مان جزا هڪ ئي مرد جا آهن. فارنزڪ ماليڪيولر ليبارٽري جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر محمد اڪبر قاضي سوڌو چئن پنهنجي پنهنجي شعبن جي ماهر ڊاڪٽرن جي صحيح سان جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نمرتا ڌي لال داس مهر چنداڻي جيان نوشين ڌي هدايت علي شاهه جي جزن کي محفوظ ڪيو ويو آهي، جن مان وڌيڪ چڪاس ڪئي ويندي.  اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته گرلس هاسٽل جي مرد عملي جا رت ۽ ڊي اين اي جا جزا مهيا ڪيا ويا ته ڪيس کي جلد حل ڪرڻ ۾ آساني پيدا ٿي ويندي جاري ڪيل پوري رپورٽ ۾ ڪٿي به تاريخ ناهي لڳل، نه ئي ٿيل واقعن جي تاريخن ۽ هنڌن جو ذڪر ڪيل آهي. هوڏانهن تعليمي اداري ۾ شاگردياڻي جي لاش ملڻ وارن واقعن تي نظر رکندڙن فارنزڪ ماليڪيولر ليبارٽري جي جاري ڪيل تازي رپورٽ تي سوال اٿاريندي خدشو ظاهر ڪيو آهي ته نمرتا جي واقعي جي فارنزڪ رپورٽ تيار ڪرڻ کان پوءِ گرلس هاسٽل جي مرد عملي جي رت ۽ ڊي اين اي رپورٽ وٺڻ جي گهر اڳ ڇو نه ڪئي وئي هئي جو هاڻي هڪ وڌيڪ ناري وحشت جو شڪار ٿيڻ کان پوءِ گرلس هاسٽل جي عملي جي رت ۽ ڊي اين اي ڪرائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *