پي ٽي آءِ طرفان اپوزيشن ليڊر شهباز شريف خلاف قومي اسيمبلي ۾ ٺهراءُ آڻڻ جو فيصلو

اسلام آباد(م.ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف جي خلاف قومي اسيمبلي ۾ قرارداد آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب قومي اسيمبلي ۾ شهباز شريف جي خلاف قرارداد تحريڪ انصاف جو اسيمبلي ميمبر فرخ حبيب پيش ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته مني لانڊرنگ ڪيس جي فيصلي تائين شهباز شريف کي قومي اسيمبلي ۾ تقرير نه ڪرڻ ڏني ويندي. ٺهراءُ ۾ مطالبو ڪيو ويندو ته مني لانڊرنگ ڪيس جي فيصلي اچڻ تائين شهباز شريف کي قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪرڻ کان روڪيو وڃي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ مسلم ليگ(ن) ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر خلاف به بي اعتمادي جي رٿ آڻڻ تي اتفاق ڪيو هو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *