نوجوانن کي متاثر ڪرڻ لاءِ سهڻو نظر اچڻ لازمي آهي:دويا کوسلا ڪمار

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ۾ اداڪاري کانپوءِ هدايتڪارا بڻجي ويل دويا کوسلا ڪمار چيو آهي ته مون لاءِ سهڻو نظر اچڻ اهم آهي ته جيئن نوجوان منهنجي ان اسٽائل جي پوئلڳي ڪن، ليڪ مي فيشن ويڪ جي موقعي تي هڪ ڀارتي خابرو اداري سان ڳالهائيندي دويا کوسلا چيو ته فيشن تمام گهڻُو اهم آهي، هر ماڻهو کي هر هنڌ پنهنجي موجودگي جو احساس ڏيارڻ گهرجي،فلم ”ياريان“ ذريعي هدايتڪاري ۾ پير رکندڙ 34 ورهين جي دويا چيو ته مان جڏهن کان نوجوانن جي حوالي سان فلمون ٺاهڻ شروع ڪيون آهن ته نوجوان منهنجي پوئلڳي ڪن ٿا ۽ مونکان اثر وٺن ٿا، تنهن ڪري مون لاءِ اهو اهم آهي مان بهترين ۽ سهڻي نظر اچان، مان ڪڏهن به اهڙي ڊيسنگ نه چاهينديس، جنهن ۾ مان خراب لڳان، هن چيو ته هدايتڪارن لاءِ عام طور تي اهو سجهيو وڃي ٿو ته اهي فيشن جي معاملي ۾ محدود رهن ٿا پر هڪ عورت جي حيثيت ۾ سهڻو ۽ بهترين نظر اچڻ لازمي آهي، دويا چيو ته مان پارلر ۾ وڃي ٻه ٽي ڪلاڪ ناهيان ويهندي پر مان اها پڪ ڪندي آهيان ته مان سٺي ٿي لڳان ۽ مان جيڪا ڊريسنگ  ڪيان ٿي، اها به بهترين آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *