پي سي بي سرفراز کي احمد کي قومي ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪري ڇڏيو

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين سرفراز احمد کي قومي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي، ميڊِيا رپورٽن مطابق پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي عهديدارن ڊگهي صلاح مشوري کانپوءِ سرفراز احمد کي ڪپتان بڻائڻ جي منظوري ڏني ۽ پي سي بي طرفان ان جو باضابطا طور تي اعلان به ڪيو ويو آهي، ذريعن مطابق پي سي بي عهديدارن جي گڏجاڻي دوران ٽيم انتظاميا سرفراز احمد جي تمام گهڻي واکاڻ ڪئي، گڏجاڻي ۾ اها ڳالهه به سامهون آئي ته سرفراز پاڪستان سپر ليگ ۾ ڪپتان ۽ رانديگر طور شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري، جنهن ڪري سندس ٽيم ڪوئٽا گليڊيئيٽرز فائنل تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي، کيس ڪپتان بڻائڻ کان پهرين سندس اڳوڻي رڪارڊ جو جائزو به ورتو ويو ۽ محسوس ڪيو ويو ته تازو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ دران ٽيم ۾ ڌڙابندي جون خبرون آيون پر سرفراز احمد اڪيلو رانديگر آهي،جنهن  جي ڪپتان ٿيڻ سان ٽيم ۾ ڌڙابندي ختم ٿيندي،ڇو ته سندس نالي تي ٽيم جي رانديگرن به اتفاق ڪيو آهي، واضح هجي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ قومي ٽيم جي ناقص ڪارڪردگي سبب ڪپتان شاهد آفريدي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي، سرفراز احمد ٽي ٽوئنٽي ڪيريئر جي شروعات 19 فيبروري 2010ع ۾ انگلينڊ خلاف ڪئي، هو 21 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ 291 رنسون ٺاهي چڪو آهي، جن ۾ سندس بهترين اسڪور 76 آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *