نوجوانن کي سموريون صلاحيتون اجاگر ڪرڻ لاءِ موقعا ملڻ گهرجن: بلاول ڀٽو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان جي ملڪ جي آبادي جووڏو حصو نوجوانن جي آبادي تي مشتمل آهي تنهنڪري کين پنهنجون سموريون صلاحيتون اجاگر ڪرڻ لاءِ هر قسم جا موقعا ملڻ گھرجن، بينظير ڀٽو شهيد يوٿ ڊويلپمينٽ پروگرام جو مقصد به نوجوانن کي نوڪرين جا موقعا حاصل ڪرڻ لاءِ گھربل فني ڄاڻ مهيا ڪرڻ هو، بلاول ڀٽو زرداري اهڙو اظهار اڄ بلاول هائوس ۾ سينيٽر عاجز ڌامراه ۽ سندس زال ۽ وڏي وزير جي  بينظير ڀٽو شهيد يوٿ ڊويلپمينٽ پروگرام بابت ڪوآرڊينيٽر حنا دستگير سان ملاقات دوران ڪيو، وڏي وزير جي معائني واري ٽيم جي صلاحڪار حاجي مظفر شجراع ۽ پيپلزپارٽي ڄامشوري جي ضلعي صدرايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر شوري پڻ بلاول هائوس ۾ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ڌار ڌار ملاقات ڪئي، سينيٽر عاجز ڌامراه ۽ حنا دستگير پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي بينظير ڀٽو شهيد يوٿ ڊويلپمينٽ پروگرام جي مختلف پهلوئن ۽ ان جي اهميت بابت بريفنگ ڏني ، پيپلزيوٿ آرگنائيزيشن جي صدر سينيٽر عاجز ڌامراه  چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي تنظيمي صورتحال بابت آگاه ڪيو ۽ مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ نوجوانن کي نمائندگي ڏيڻ لاءِ مخصوص سيٽون مختص ڪرڻ واري چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن کي ساراهيو. عاجز ڌامراه چيو ته سنڌ حڪومت صوبائي يوٿ پاليسي جوڙڻ ۾ انتهائي گهري دلچسپي وٺي رهي آهي ۽ هو پاڻ اين جي اوز سان گڏجي مڪمل تحقيقي ڊرافٽ تيار ڪرائي سنڌ اسيمبلي مان منظور ڪرائڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي. حاجي مظفر شجراع چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي وڏي وزير جي انسپيڪشن ٽيم طرفان مختلف کاتن ۾ بي قاعدگين ۽ بد انتظامين  خلاف کنيل قدمن بابت آگاه ڪيو ۽ ٻڌايو ته وڏي وزير جي انسپيڪشن واري ٽيم طرفان سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي تي ڪڙي نظر رکي آهي ۽ ڪجه اهم انڪوائريون به جاري آهن، پ پ پ ڄامشوري جي صدر ڊاڪٽر سڪندر شوري چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي پنهنجي ضلعي ۾ مڪاني چونڊن جي صورتحال ۽ ترقياتي اڳڀرائي بابت آگاهي ڏني ۽ اهو عزم ورجايو ته پارٽي جي ڪارڪردگي سبب پوري ضلعي مان پاڪستان پيپلزپارٽي جا سمورا اميدوار ڪاميابي ماڻيندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *