سڀ سياسي پارٽيون پاڪستان خلاف ڀارتي پروپگنڊا کي ناڪام ڪرڻ لاءِ متحد آهن: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته سڀ سياسي پارٽيون پاڪستان خلاف ڀارتي پروپگنڊا کي ناڪام بڻائڻ لاءِ متحد آهن، پاڪستان، ڀارت جي پروپگنڊا جو موثر جواب ڏيندو، هو سومر تي پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي هيڊڪوارٽرز ۾ قومي اسيمبلي جي اطلاع ۽ نشريات قائمه ڪميٽي جي اجلاس کي بريفنگ ڏيڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو، هن چيو ته قوم جي حيثيت سان ملڪ خلاف منفي پروپگنڊا جو مثبت جواب ڏيڻو پوندو، هن چيو ته دهشتگردن کي شڪست ڏيڻ لاءِ ريڊيو پاڪستان تان امن جو پيغام نشر ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *