نواز شريف کي شهباز ۽ مريم کي رهبر ڪميٽي سان هلڻ ۽ حڪومت مخالف ريليون ۽ ورڪز ڪنوينشن جاري رکڻ جي هدايت

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته وفاق جي علامت نواز شريف ڪنهن به صوبي کي محرومي جو احساس ٿيڻ نه ڏنو، نواز شريف هاڻي سينيٽ چيئرمين لاءِ وري بلوچستان جي حق ۾ راءِ ڏني آهي. مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز ڪوٽ لکپت جيل ۾ پنهنجي والد نواز شريف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ سياسي صورتحال، سينيٽ چيئرمين جي تبديلي ۽ نيب جي ڪيسن تي ڳالهيون ڪيون ويون. نواز شريف شهباز شريف ۽ مريم نواز کي رهبر ڪميٽي سان گڏ هلڻ جي هدايت ڪئي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف مريم نواز کي هر صورت ۾ 19 جولاءِ تي احتساب عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي جڏهن ته حڪومت مخالف ريليون ۽ ورڪز ڪنوينشن جاري رکڻ جي هدايت ڪئي. نواز شريف چيو ته رهبر ڪميٽي سينيٽ چيئرمين لاءِ حاصل بزنجي کي نامزد ڪيو ته مسلم ليگ ن حمايت ڪندي. مريم نواز ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وفاق جي علامت نواز شريف ڪڏهن به ڪنهن صوبي کي محرومي جو احساس ٿيڻ نه ڏنو، نواز شريف هاڻي سينيٽ چيئرمين لاءِ وري بلوچستان جي حق ۾ راءِ ڏني. هن چيو ته سمورن صوبن کي گڏ کڻي هلندڙ نواز شريف اڳ به بلوچستان ۾ حڪومت جي قرباني ڏني، سمورن صوبن کي هن آندو ويجهو، اسان سڀني جي دلين جي ڌڙڪن آهي نواز شريف.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *