مريد عباس قتل ڪيس جون ڪڙيون سمگلنگ ۽ مني لانڊرنگ سان ملڻ جو انڪشاف

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ٽي وي اينڪر مريد عباس جي قتل ڪيس ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ۽ ڪڙيون سمگلنگ ۽ مني لانڊرنگ تائين پهتيون آهن. ايس ايس پي طارق ڌاريجي موجب جوابدار عاطف زمين ڪجهه سال اڳ هڪ ٽائر ڪمپني ۾ ملازم هو جيڪو هاڻي ٽائرن جي سمگلنگ جي ڌنڌي سميت مني لانڊرنگ ۾ به ملوث آهي جنهن جون شاهديون به مليون آهن.  هن چيو ته اينڪر پرسن سميت 80 کان وڌيڪ ماڻهن جوابدار عاطف وٽ هڪ ارب کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري ڪئي جنهن ۾ مريد عباس جي 7 ڪروڙ جي سيڙپڪاري آهي.  هن چيو ته ميڊيا سان تعلق رکندڙ 42 ماڻهن سميت 42 ماڻهن سميت مريد عباس جي دوستن به نفعي تي پئسا ڏئي رکيا هئا. ٻئي طرف پوليس ٻٽي قتل جي واردات جو ٽيون ڪيس سرڪار جي فرياد تي داخل ڪيو آهي، ڪيس غير قانوني هٿيار رکڻ جي شق تحت جوابدار عاطف خلاف داخل ڪيو ويو.  پوليس موجب جوابدار عاطف زمان پنهنجي ڀاءُ جو پسٽول استعمال ڪيو ۽ ڪنهن ٻئي جو هٿيار گڏ رکڻ غير قانوني آهي. پوليس موجب مريد عباس ڪيس ۾ هن وقت تائين ٽي ڪيس داخل ٿي چڪا آهن.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *